سرڪار طرفان مليل وضيفو محمد صالح عباسي ھڙپ ڪيوآھي: ذوالفقار کوسو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر)ڏوڪريءَ جي جهوني سگهڙ کي ملندڙ وضيفو نہ مليو،سرڪار طرفان مليل وضيفو سگهڙ محمد صالح عباسي ھڙپ ڪري ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 سگهڙ جو الزام. ڏوڪري جي جهوني سگهڙ ذوالفقار کوسو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو انهي موقعي تي ھن چيو ته مان سخت بيمار آهيان جنھن ڪري ثقافت کاتي طرفان اعلاج لاءِ مليل ھڪ لک ڏنو ويو آهي.

 ھن الزام هڻندي چيو تہ سگهڙ صالح عباسي فون ڪري چيو ته سرڪار طرفان تنهنجي اعلاج لاءِ ھڪ لک رپيا مليا آهن اچي وٺي وڃو مان جڏهن پھتم تہ مونکان صحيون وٺي چيو ته ٻن ڏينهن ۾ ڏينداسين ، مان پنڌ ڪري ٿڪجي پيو آهيان

مون غريب جا پئسا سگهڙ صالح عباسي ڪڍرائي ھڙپ ڪري ويو آهي،ھن چيو ته سگهڙ ممتاز عباسي جنهن کي مون ثقافت کاتي طرفان وظيفو مقرر ڪرڻ لاءِ ٽيھ ھزار ورتا هئا پر ان به مونسان ڌوڪو ڪيو آهي. ھن چيو ته مان غريب مسڪين آهيان ھن وقت بيمار پيل آهيان انصاف ڪري رقم ڏياري وڃي.

جُولاءِ 31, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو