ڪراچي: پاڪستان پروگريسو ابڙو ويلفيئر ايسوسي ايشن پاران احتجاجي مظاھرو
ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو) پاڪستان پروگريسو ابڙو ويلفيئر ايسوسي ايشن ڪراچي ڊويزن پاران مير اڪرم خان ابڙو ۽ شهريار خان ابڙو ۽ زخمي مير ارشاد خان پنهور سردار عبدالله خان ابڙي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سهراب ڳوٺ ٽائون ايوب ڳوٺ ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ،
جنهن ۾ مرڪزي صدر عبدالحڪيم ابڙو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري محمد عالم ابڙو، ميبر مختيار علي ابڙو، سنڌ جي صدر محمد ياسين ابڙو، غلام مصطفيٰ ساريو،
سينيئر نائب صدر سنڌ منير احمد ابڙو جنرل سيڪريٽري سنڌ غلام مصطفيٰ ابڙو ايڊووڪيٽ محمد ابراهيم ابڙو ڪراچي ڊويزن جو صدر جان محمد ابڙو جنرل سيڪريٽري مختيار علي ابڙو ڪراچي جي معزز شخصيتن نذير احمد سودر عباس جتوئي احمد علي ابڙو عظيم علي ابڙو پرويز علي ميمڻ. ضمير احمد ابڙو الطاف حسين ابڙو عبدالقيوم سولنگي ڪامران ابڙو ۽ ابڙو برادري جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي قاتلن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
جُولاءِ 31, 2023