ڏوڪري لڳ گاجي ديرو روڊ جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، علائقي واسي پريشان

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر)ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ گاجي ديرو جي روڊ جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو

حادثا روز جو معمول بڻيل، ڳوٺاڻن جو احتجاج تفصيل موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ گاجي ديرو جي بند تي تعمير ٿيندڙ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو،

ٺيڪيدار رستي تي پٿر وڇائي غائب ٿي ويو، ڳوٺاڻن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڳوٺ گاجي ديرو جي رهواسين محمد اسلم سيال، غلام حسين مڪول، محمد بخش، غلام قادر ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڪيترين ئي مهينن کان ٺيڪيدار گاجي ديرو بند تي پٿر وڇائي غائب ٿي ويو آهي

 جنهن سبب ڳوٺاڻا مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته روڊ جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير روڊ جو مرمتي ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو۔

جُولاءِ 31, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو