چوٽياريون پوليس ٿاڻي جي حد ۾ چورين جو آزار، علائقي واسي پريشان

Spread the love

چوٽياريون (رپورٽ: علي  گل منڱريو) چوٽياريون  ٿاڻي جي حد ۾ چورين جو آزار وڌي ويو رات دير سان ٽنڊو مٺاخان شھر ۾ ٻڍو ڳاهو جي دڪان مان  هزارين روپين جو سامان ۽ روڪ رقم نامعلوم چور چوري ڪري فرار ان احوالي سان اڄ شھرين ٻڍو ڳاھو  ميانداد ڪيريو غلام حيدر ڪيريو ۽ ٻين  جي اڳواڻيء ۾  ٽنڊومٺا خان جي سورهيه بادشاه چوڪ تي شھرين ۽ دڪاندارن پاران احتجاج ڪيو ويو

احتجاج  دوران ٽريفڪ جام ٿي وئي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان روز روز جي چورين مان بيزار ٿي ويا آھيون

 اسان جو مسعلو حل نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌائينداسين ٻئي طرف  ايس ايڇ او چوٽياريون پاران چوري جي معاملي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائڻ تي احتجاج ختم ڪيو ويو

 ايس ايڇ او چوٽياريون صحافين کي موقف ڏيندي چيو ته جلد جاچ ڪري اصل چور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻينداسين چورن ۽ سماجي برائين ڪندڙن خلاف سخت قانوني قدم کڻنداسين.

جُولاءِ 31, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو