پيپلز پارٽي هميشه عوامي ڀلائي وارا منصوبا ڏنا آھن: شازيه عطا مري
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري ڄام نواز علي رورل هيلٿ سينٽر ۾ قائم بينظير نشونما سينٽر جو دورو ڪيو، دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاران غريب عوام جي ڀلائي لاءِ هميشه سٺا پروگرام مرتب ڪيا ويندا آهن.
بينظير نشونما سينٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار سان ڳورهاري ۽ نومولود ٻارن کي کير پياريندڙ مائرن ۽ ٻن سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي غذائيت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ خاص غذا ممتا ۽ واوا مم فراہم ڪئي وڃي ٿي ڪرڻ لاءِ حامله انهن غذائين جي واپرائڻ سان ٻارن ۽ عورتن جي صحت تي سٺا اثر پيئجي رهيا آهن.
ان موقعي تي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر بحاليءَ لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي انهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي
انهي ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي سستي برداشت نه ڪئي ويندي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ عورتن جي رجسٽريشن لاءِ ڊائنا مڪ سروي شروع ڪئي وئي آهي، سروي بعد مستحق عورتن کي هن پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ شازيه عطا مري چيو ته چونڊون پنهجي مقرر وقت تي ٿينديون پاڪستان پيپلزپارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وقت پڻ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد، ورلڊ بئنڪ جي پرڏيهي نمائنده ميلس گووين ۽ زينب ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر فيض محمد مري، ريجنل ڊائريڪٽر پي پي ايڇ آءِ فدا حسين لاشاري، ورلڊ فوڊ پروگرام آفيسر سلميٰ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
جُولاءِ 31, 2023