پاڪ-چين دوستي ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ کي برداشت نه ڪيو ويندو: وزيرِ اعظم
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي جاري رهندي ۽ ان دوستيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ کي برداشت نه ڪيو ويندو.
پاڪستان ۽ چين جي مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ڇهن يادداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني نائب وزير اعظم هي لي فينگ به موجود هو.
تقريب کي خطاب ڪندي وزيرِ اعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ منصوبي جو ڏهه سال پهريان پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، سي پيڪ منصوبي تحت 25 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ٿي چُڪي آهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي جاري رهندي، سي پيڪ سان ٻنهي مُلڪن جي عوام وچ ۾ رشتو مضبوط ٿيندو، سي پيڪ تحت اهم رٿائن کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا.
وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي ٻيو مرحلو نئين ماڊل تحت اڳتي وڌائينداسين، جنهن سان زارعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارن شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪ چين دوستيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ کي برادشت نه ڪيو ويندو.
جُولاءِ 31, 2023