لاڙڪاڻو: جماعت اصلاح المسلمين غفاري مرڪز لاڙڪاڻي ۾ جلسو منعقد
لاڙڪاڻو (بيوروچيف: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو جماعت اصلاح المسلمين ضلع لاڙڪاڻي جي زير اھتمام بتعاون برانچ جماعت اصلاح المسلمين غفاري مرڪز لاڙڪاڻي ۾ ساليانہ جلسه شھداء ڪربلا حضرت سيدنا امام حسين رضي الله عنہ منعقد ٿيو جنهن کي حضرت علامه مولانا سائين عبدالقدير شيخ طاھري، حضرت مولانا جنيد مصطفیٰ سرھيو نوري،ضلعي صدر ضميرالدين ملڪ طاھري، محمد رياض شيخ طاھري حافظ عبدالڪريم شيخ، طاھري ۽ ٻين خطابات ڪندي چيو ته حضرت سيدنا امام حسين رضي الله عنہ جي شھادت اسان کي صبر، استقامت، امن ۽ دين جي مٿان عمل ڪرڻ جو درس ڏئي ٿي اسلام جي بقا۽ سر بلنديءَ جي لاءعظيم قرباني کي تا قيامت ياد رکيو ويندو.
حضرت سيدنا امام حسين رضه جي شھادت سڀني مسلمانن لاءِ مشعل راه آهي حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جنهن کي پسند ھجي ته جنتي جوانن جي سردارن کي ڏسان ته اھي حضرت حسن رضه ۽ حضرت حسين بن علي رضي الله عنہ کي ڏسي.انھن وڏيڪ چيو ته حضرتِ سيدنا امام حسين رضي الله عنہ سرور ڪونين صلی الله عليه وسلم جانور نظر ۽ حقيقي جانشين ھئا.
محرم الحرام جو مقدس مھينو اسان کي شھداء ڪربلا جي عظيم قربانن کي ياد ڏياري ٿو شھداء ڪربلا وارن حق ۽ سچ جي لاءِ شھادت ماڻي انھن جي نقشي قدم تي هلي ڪري اسان دنيا۾ بھترين زندگي گذاري سگھون ٿا ڪربلا جي ميدان ۾ نواسي رسول صلی الله عليه وسلم امام عالي مقام رضي الله عنہ ۽انھن جي جانثارن لازوال قربانيون ڏئي ڪري دين محمدي کي قيامت تائين زنده ڪيو.
خاندان پاڪ رسول الله صلی عليہ وسلم جن جي قربانين جي صدقي اڄ نماز ۽ قرآن مجيد جي تلاوت جاري آهي. جماعت اصلاح المسلمين جا سرواڻ حضرت محبوب سڄڻ سائين جن جو به اھيو پيغام آهي ته امام حسين رضي الله عنہ اھڙي تڪليف ھوندي به نماز، قرآن مجيد ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي فرمان کي نه ڇڏيو
اسان کي به امام حسين رضي الله عنہ جي نقشي قدم تي هلي ڪري پنهنجي زندگيءَ کي سڌاريون .جلسي ۾ مشھور ۽ معروف نعت خوانن محترم محمد مشفق شيخ طاھري، محترم محمد عرفان طاھري، خالدحسین طاھری ۽ ٻين ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ قصيده، منقبت،صلاة والسلام پڙھي ڪري سامعين کي جھومائي ڇڏيو آخر ۾ ملڪ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوش حوالي، پاڪ فوج جي لاءِ دعائون پڻ گهري ويون ۽ بعد ۾ لنگرکارايو ويو.
جُولاءِ 31, 2023