ضلعي ڪائونسل ٺٽو جي 53 ڪروڙ 48 لک رپين کان وڌيڪ رقم جي بجيٽ منظور

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) ضلع ڪائونسل ٺٽو جي 53 ڪروڙ 48 لک رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ منظور -ضلع ڪائونسل ٺٽو جو سال  24 -2023جو بجيٽ اجلاس چيئرمين عبدالحميد پنهور جي صدارت هيٺ شهيد بينظير ڀٽو هال ۾ منعقد ٿيو، ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل عبدالحميد پنھور 53 ڪروڙ 48 لک 18 هزار 532 رپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي،

جيڪا 1 لک 56 هزار 243 روپين جي بچت بجيٽ آهي. چيئرمين ضلع ڪائونسل ٻڌايو ته پگهارن ۽ پينشن جي خرچن لاءِ 25 ڪروڙ 85 لک 38 هزار 532 رپيا مختص ڪيا ويا آهن،

 اهڙي طرح آفيسن جي متفرقہ خرچن لاءِ 2 ڪروڙ 22 لک 78 هزار رپيا، ، سرڪاري ۽ غير سرڪاري خرچن جي مد ۾ 25 لک رپيا رکيا ويا آهن.

عوامي ڀلائي لاءِ 80 لک رپيا، بقايائون ادا ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ 30 لک رپيا، قدرتي آفتن کان متاثر ماڻهن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا، آفيس جي ملڪيت جي مرمت لاءِ 80 لک رپيا، ھلندڙ ترقياتي ڪمن لاءِ 1 ڪروڙ 20 لک رپيا جڏهن ته سال 2023-24 لاءِ نون ترقياتي ڪمن لاءِ 19 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

ان کان اڳ چيئرمين ضلع ڪائونسل عبدالحميد پنھور بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي ته اڄ اسان پنهنجي ڪائونسل جي پهرين بجيٽ پيش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته آئون پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت ۽ ٺٽي جي عوام جو شڪر گذار آهيان

جن مون کي هن عهدي تي مقرر ڪيو، مان واعدو ڪيان ٿو ته پيپلز پارٽي جي منشور تي عمل ڪندي ضلعي جي عوام جي خدمت ڪندس. هن ميمبرن کي چيو ته توهان جو مشورو ۽ اعتماد منهنجي وڏي طاقت ثابت ٿيندو.

هن چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي، هن بجيٽ ۾ اسان 45 سيڪڙو رقم ترقياتي منصوبن، عوامي ڀلائي، غريبن ۽ ذهين ۽ مستحق شاگردن لاءِ مختص ڪئي آهي جڏھن تہ 45 سيڪڙو رقم پگھارن ۽ پينشن لاءِ رکيا ويا آهن ۽ 10 سيڪڙو رقم سرڪاري ۽ غير سرڪاري خرچن لاءِ رکيا ويا آهن.

هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ڪري هن ضلعي جي عوام جي ڀلائي لاءِ فنڊ خرچ ڪيون. بعد ۾ بجيٽ بحث کانپوءِ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي.

 چيئرمين ضلعي ڪائونسل عبدالحميد پنهور چيو ته هو ضلعي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن ته جيئن کين وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ٿي سگهن. اجلاس ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي،

جڏهن ته باجوڙ بم ڌماڪي جي مذمت جو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ گهري وئي. بعد ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن پاران صحت، تعليم، روڊن جي مرمت، پاڻي جي ورڇ، فائر فائٽر، ايمبولينس ۽ ضلعي ڪائونسل جي ڊسپينسرين جي بحالي ۽ ٻيا عوامي مسئلا پيش ڪيا ويا،

جنهن تي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين مسئلا حل ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو. اجلاس ۾ چيف آفيسر سيد علي حيدر شاهه، ضلعي انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو، ضلعي ڪائونسل جي مرد ۽ عورت ميمبرن، صحافين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.

جُولاءِ 31, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو