سکر : آڪڙا پرچي جو ڪاروبار عروج تي، شهري ۽ ڳوٺاڻا ڪنگال ٿيڻ لڳا

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ: ماجد منگي  ) سکر شهر ۾ آڪڙا پرچي جو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو، پوليس اسٽيشن اي سيڪشن جي حد سميت سکر جي مختلف ٿاڻن ۾ آڪڙا پرچي جي اوپن بڪنگ جو سلسلو جاري آهي، شهري ۽ ڳوٺاڻا ڪنگال ٿي ويا،

هر مهيني ڪروڙين روپين جي جوا پرچي جو ڪاروبار جاري،سکر جي سماجي ڌرين پاران آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾  ايس ايس پي سکر جي هدايتن تي ڪجهه مهينا ٺاپر کانپوءِ نوان ايس ايڇ اوز مقرر ٿيڻ بعد  پرچيءَ جوا بند نه سگهي آهي.

 سکر جي مختلف علائقن ڍڪ روڊ، سبزي منڊي، روهڙي، پراڻا سکر، شمس آباد سميت مختلف علائقن ۾ نئون پنڊ، نصرت ڪالوني، افغان سينٽر، کجور مارڪيٽ ۽ ٻيا علائقا آڪڙا جوا جو مرڪز بڻجي ويا آهن،

جڏهن ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس شهر ۾ هلندڙ پرچي جوا جي بليڪ مارڪيٽ تي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، جڏهن ته پرائز بانڊ کلڻ تي هلندڙ جوا پرچي سبب هزارين خاندان لٽجي ويا پر آڪڙا پرچي جوا وارو ڪاروبار جاري آھي

 نوجوان نسل ۽ سنجيده ماڻهو به پئسن جي لالچ ۾ پرچي جوا کيڏڻ جي لت ۾ ڦاسي پيا آهن، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گهرن جو قيمتي سامان وڪرو ڪري پرچي جوا کيڏڻ ۾ مصروف آهن.

 آڪڙا  پرچي جي عادت پوڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن، پوليس صرف ڏيکاءَ خاطر پرچي جوا کيڏندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ته ڪري ٿي پر جوا پرچي هلائيندڙ خلاف ڪاروائي ناهي ڪئي. جنهن ڪري جوا پرچي جا دوڪان هالائيندڙ بنا خوف جي ڪاروبار ڪن پيا.

جڏهن ته اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او به اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن۔ صلاح الدين نالي شخص ٽانگا اسٽينڊ، ڍڪ روڊ وٽ جيڪو اي سيڪشن پوليس ٿاڻي ۽ ڊي ايس پي سٽي آفيس کان چند قدم تي هجڻ جي باوجود به پوليس اهلڪارن جي سپورٽ سڄو ڏينهن آڪڙا پرچي وارو ڪم جاري رکيو پيو اچي پرچي ڪٽن تي به 1000 ڏهاڙي تي ملازم رکيا آھن. هر مهيني کلين روپين جي آمدني ٿيڻ ڪري آڪڙا پرچي هلائيندڙ ته لک پتي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا

 پر جوا کيڏندڙن جا جهڳا به وڪامجڻ لڳا سکر جي سماجي ڌرين آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر م کان مطالبو ڪيو آھي ته سکر ضلعي مان آڪڙا پرچي جوا سميت سماجي براين جو خاتمو آڻي نوجوان نسل سميت جوا پرچي کيڏندڙن  کي تباهي کان بچايو وڃي۔

جُولاءِ 31, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو