سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي ڪم شروع، وڌيڪ ڊالر اچڻ جي اميد

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي مختلف يادداشتن صحيحون ڪيون ويون.

چين جي صدر شي جن پنگ جي خاص نمائندي ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ سي پيڪ کي ڏهه سال مڪمل ٿيڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ اڄ هن وزيراعطم شهباز شريف سان پي ايم هائوس ۾ ملاقات پڻ ڪئي.

چين جي نائب وزيراعظم هي ليفينگ جي وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيرِاعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آجيان ڪئي.

ان کان پوءِ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مفاهمت جي مختلف يادادشتن تي صحيحون به ڪيون ويون جنهن ۾ وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، احسن اقبال، نويد قمر، مريم اورنگزيب ۽ سعد رفيق به شامل هئا.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي اهم منصوبا آهن ۽ يقين آهي ته پاڪستان ۽ چين گڏيل سهڪار سان انهن رٿائن تي مڪمل ڪيو ويندو ۽ اسان اڻٿڪ محنت سان پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهارينداسين.

جُولاءِ 31, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو