سنڌ مان تيل ۽ گيس جا وڏا ذخيرا هٿ
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جي کوهن جا اضافي ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن.
آئل اينڊ گيس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽڊ ( او جي ڊي سي ايل) ڪٽنگ ٽيڪنالاجي جي مدد سان سنڌ جي ٽنڊول الهيار، سانگهڙ ۽ حيدرآباد ضلعن مان تيل ۽ گيس جا وڌيڪ ذخيرا دريافت ڪيا.
ٽنهي ضلعن ۾ ٽن کوهن مان ٻه هزار ڇهه سئو پنجهٺ بيرل روزاني جي بنيادن تي تيل مليو آهي، جڏهن ته روزاني بنيادن تي 51 ميٽرڪ ٽن ايل پي جي پڻ حاصل ٿي رهي آهي.
جُولاءِ 31, 2023