دادو سٽي ۾ 2 مهينن جي موڪلن بعد اسڪول اڄ کلندا، صفائي جو عمل مڪمل
دادو (رپورٽ : سرور جلال سولنگي )دادو سٽي ۾ تيز برساتن سبب پهرين آگسٽ تي اسڪول 2 مهينن جي موڪلن بعد کلي رهيا آهن، اسڪولن وارين گهٽين جي صفائي جو عمل جاري آهي،
چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو پيردانش علي جي هدايتن تي نجم ڪالوني ۾ فيض انگلش پبلڪ اسڪول جي سامهون صفائي جاري ايڊمنسٽريٽر اسڪول جي پرنسپال عبدالجبار جي ڪمپلين تي صفائي ڪئي ويئي
پرنسپل لاڪاليج شفيع محمد ميمڻ مجيب الرحمان ميمڻ جي گهٽي ۾ صفائي ڪئي وئي،
ڪي جي گرلس اسڪول، پرمانند پائليٽ سيڪنڊري اسڪول، طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، گرلس سيڪنڊري،گرلس ڪاليج، غريب آباد هاءِ ۽ پرائمري اسڪولن مان پاڻي نيڪال ڪري صفايون ڪيون ويون، جڏهن ته
پيربخش ڪالوني ۾ بند ٿي ويل نيڪال کولرائي پاڻي نيڪال ڪيو ويو دادو جي شهرين ايم پي اي بئريسٽر پيرمجيب الحق ۽ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پيردانش علي جي ڪم دادو شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جي ساراهه ڪئي.
جُولاءِ 31, 2023