بالر هڪ ئي اوور ۾ ست ڇڪا هڻائي 48 رنسون ڏئي ويٺو، ڏسو وڊيو
ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) ڪابل پريميئر ليگ ۾ افغان بيٽر هڪ اوور ۾ ست ڇڪا هڻي بالر جا لاهه ڪڍي ڇڏيا.
افغانستان جي نوجوان بيٽر صديق الله اٽل ڇنڇر جي ڏينهن ڪابل پريميئر ليگ ۾ شاهين هنٽرز جي نمائندگي ڪندي اباسين ڊفينڊرز خلاف شاندار تيز رفتار اننگز کيڏي.
کاٻي هٿ سان بيٽنگ ڪندڙ صديق الله ميچ ۾ مجموعي طور تي ڇاونجاهه بالن تي 118 رنسن جي تيز اننگز کيڏي، هن ست ڇڪا ۽ ڏهه چوڪا هنيا.
صديق الله جي اننگز جي خاص ڳالهه اِها هئي ته هن 19 هين اوور ۾ اباسين ڊفينڊرز جي اسپنر عامر ززئي کي ست ڇڪا هنيا ۽ سندس اوور ۾ مجموعي طور 48 رنسون ٺاهيون.
شاهين بنٽرز جي اننگز جو 19 هون اوور شروع ٿيو ته، عامر ززئي جو پهريون بال نو بال قرار ڏنو ويو جنهن تي بيٽر ڇو هنيو، ٻئي بال تي وائيڊ سان گڏ چار رنسون ملي ويون، اهڙي ريت بنا ڪنهن بال جو بالر 12 رنسون ڏئي چڪو هو.
انکانپوءِ اوور جي ايندڙ ڇهن بالن تي صديق الله لاڳيتو ڇهه چڪا هنيا ۽ سڄي اوور ۾ مجموعي طور 48 رنسون حاصل ڪيون.
شاهين هنٽرز جي 214 رنسن جي جواب ۾ ڊفينڊرز جي ٽيم 121 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ياد رهي ته عامر ززئي ٽي ٽوئنٽي ميچ جي هڪ اوور ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ڏيندڙ بالر بڻجي ويو آهي، ان کان اڳ اِهو رڪارڊ نيوزيلينڊ جي بالر جيمز فلر وٽ هو جنهن ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ گلوسٽر شائر ۽ سسيڪس وچ ۾ ٿيل ميچ ۾ هڪ اوور ۾ 38 رنسون ڏنيون هيون.
جُولاءِ 31, 2023