گهوٽڪي:  وزير اعلي سنڌ پاران بچاءَ بند تي 170 پوليس پڪٽس جو دورو

Spread the love

گھوٽڪي ( رپورٽ: محمد امين سومرو ) گهوٽڪي  وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ آئي جي سنڌ  گهوٽڪي انٽرچئينج ذريعي  بچاءۡ بند تي قائم ٿيل  170 پوليس پڪٽس جو دورو ڪرڻ بعد  وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ آئي جي سنڌ بچاءۡ تي قائم ٿيل پوليس پڪٽس تي مقرر ٿيل پوليس اهلڪارن سان ملاقات پڻ ڪئي

 جنهن کان پوءِ اسد شاه دمدمو تي پهتو جتي وزير اعليٰ سنڌ کي امن امان بابت آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کيس بريفنگ ڏني  جنهن بعد  وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪا ڪراچي اندر بريفنگ ڏني ان بابت مون ڪشمور ۽ ضلعي گهوٽڪي جي صورتحال معلوم ڪرڻ جي لاء بچاء بند جو دورو ڪيو آهي

 مونکي جيڪا آئي جي سنڌ پاران بريفنگ ڏني آهي هاڻي گهوٽڪي اندر امن امان جي صورتحال گهڻي قدر بهتر ٿي آهي هن وڌيڪ چيو ته ضعلي گهوٽڪي ۽ ضعلي ڪشمور اندر جيڪا هني ٽريپ ذريعي غريب ماڻهن کي اغوا ڪيو ويندو هو

 هاڻي اها زيرو ٿي وئي آهي وڌيڪ ڪشمور تائين پوليس چوڪيون ٺاهي رهيا آهيون ڌاڙيل پنهنجو انجام ڏسي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا آهن جيڪي هاڻي بزدلاڻي حرڪت ڪري غريب ماڻهن کي اغوا ڪن ٿا گهڻي ڀاڱي ڪجھ مغوي بازياب ڪرايا آهن

 جيڪي اغوا ٿيل آهن اهي به بازياب ٿي ويندا ڌاڙيل هاڻي مغوين جي تشدد واريون وڊيو ٺاهي  سنڌ کي بدنام ڪري رهيا آهن پوليس گهڻي ڀاڱي ثابت قدم رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ سنڌ حڪومت کي هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي جيڪا گذريل ڪجھ ڏينهن اڳ ڪشمور ۾ انعام يافته خطرناڪ ڌاڙيلن کي جنم واصل ڪيو ويو آهي

جيڪي رهيل آهن انهن کي به پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو  هن وڌيڪ چيو ته پوليس پڪٽس قائم ٿيڻ سان ڏوهاري هاڻي ڪچي تائين محدود ٿي ويا آهن ان موقعي تي وزير اعلي سنڌ سان صوبائي وزير شبير بجاراڻي , مڪيش ڪمار چاولا، ڄام خان شورو،اعجاز جکراڻي ۽ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ساڻس گڏ هئا بعد ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ گڊو بئراج روانو ٿي ويو.

جُولاءِ 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو