ڏوڪري : موهن جي دڙي جي آثارن کي تيز طوفاني برسات سبب نقصان

Spread the love

ڏوڪري (رپوٽر) سنڌ جي قديم ثقافتي ۽ تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جي آثارن کي تيز طوفاني برسات سبب شديد نقصان، قديم ڪمرن ۾ پاڻي جا تلاء جمع ٿي ويا، ڪيترن هنڌن تي  گهارا پئجي ويا. برسات جي تيز وهڪرن سبب ڀتين جي پاڙن ۾ سوراخ پئجي ويا.

 قديم ڪمرن جي فرشبندي لاء تيار ڪرايل ڪچيون سرون به  مٽيءَ جا ڍير بڻجي ويون، لکين روپين جو نقصان. برساتن کان بچاء لاءِ جوڳا قدم کنيا آهن، آثارن کي گهڻو نقصان نه رسيو آهي ڊائريڪٽر موهن جو دڙو شاڪر علي شاه. رپورٽ موجب سنڌ جي قديم تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳ موهن جو دڙو جي آثارن کي تيز  برساتن سبب شديد نقصان پهتو آهي.

 ان ڏس ۾ ايس ڊي ايريا ۾ اسٽوپا ۽ گريٽ باٿ ڀرسان قديم ڪمرن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿيڻ سبب  ڪمرا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن.

جڏهن تہ ڊي ڪي ايريا ايڇ آر ايريا ۾ قديم ڪمرن اندر پاڻي بيهڻ سان گڏ ڪيترن هندن تي ڀتين جي پاڙن ۾ گهارا پئجي ويا آهن. جنهن ڪري قديم ۽ اوائلي ڀتين کي نقصان پهتو آهي. هوڏانهن موهن جو دڙو انتظاميہ طرفان  اسٽوپا  بچاء لاء ڏنل پلاسٽڪ شيٽ تيز هوا سبب ڦاٽي پئي،  جنهن ڪري اسٽوپا جي ڪچي ڀت کي  برسات سبب نقصان پهتو آهي.

هوڏانهن موهن جو دڙو انتظاميا پاران قديم ڪمرن ۾ ڪچين سرن جي فرشبندي ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ڪچيون سرون تيار ڪرايون ويون جيڪي استعمال نہ ٿيڻ ۽ کليل آسمان هيٺ هجڻ تي تيز طوفاني برسات ۾ ڳري ڀُري مٽي جا ڍير بڻجي ويون آهن.

جنهن ڪري ماڳ کي فائدي بجاء لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. هوڏانهن چيو وڃي ٿو تہ هنگامي ڪم ڪار لاء رکيل ڪانٽريڪٽ تي رکيل ملازمن کي بہ فارغ ڪيو ويو آهي.

 جنهن ڪري ماڳ ۾ برسات جي نقصان جي بحالي واري ڪم ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي هوڏانهن ڊائريڪٽر  موهن جو دڙو شاڪر علي شاهہ جو چوڻ آهي تہ موهن جو دڙو کي بچائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا آهن

قديم ماڳ جي آثارن مان پاڻي نيڪال ڪرائي ڇڏيو آهي آثارن کي گهڻو نقصان نه رسيو آهي

چيو تہ برسات قدرتي آهي ان جي بچاء لاء هن قديم آثان ۾ ڊرينيج جو نظام درست ڪيو آهي. جنهن ڪري آثارن ۾ گهٽ نقصان ٿيو آهي ۽ بحالي جو ڪم بہ جاري آهي.

جڏهن ته تيار ڪرايل سرن مان ڪجهه سرون شفٽ ڪرائي ڇڏيون آهن ڪجهه جي  مٿان پلاسٽڪ جو ڪور ڏياري ڇڏيو آهي هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ملازم کي فارغ نه ڪيو ويو آهي

باقي فنڊ نه هجڻ ڪري مرمتي ڪم بند هئڻ سبب ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي في الحال ڪم ڪرڻ کان جواب ڏنو آهي جيئن ئي ڪم هلندو ته ٻيهر کائن ڏهاڙي تي ڪم ورتو ويندو.

جُولاءِ 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو