ڏوڪري: عزاداري، ماتمي جلوس، مجلسون برپا، نوحا خواني، زنجير زني ڪئي وئي
ڏوڪري (قاضي فريد) ھل من ناصر ينصرنا، مولا حسين عليہ السلام تنها هو، مولا حسين عليہ السلام اڪيلو هو، لبيڪ يا حسين، لبيڪ يا حسين، ڏوڪري ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري، ماتمي جلوس، مجلسون برپا، نوحا خواني، زنجير زني ڪئي وئي ،
هر طرف لبيڪ لبيڪ يا حسين عليہ السلام جون صدائون بلند ، الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان قديمي ماتمي جلوس بر آمد، زنجيرون، چاقن ۽ گرزن جو ماتم، تفصيل موجب ڏوڪري ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان صبح جو 8 وڳي 200 سال قديمي ماتمي جلوس بر آمد ڪيو،
مجلسون منعقد ڪري ننگر نياز ۽ سبيلن جو اهتمام ڪيو ويو ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ نائين محرم الحرام تي ساليانو 200 سالا قديمي ماتمي جلوس الحسيني مرڪزي امام بارگاھ مان برآمد ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر سميت مختلف هنڌن تان نڪتل ڪيترائي ماتمي جلوس به شامل ٿي ويا .
ماتمي جلوس ۾ شامل مومنن زنجيرن ۽ ڇرين ۽ گرزن سان عزاداري ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي نوحا خواني پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي مختلف هنڌن تي مجلسون به برپا ڪيون ويون.
ان موقعي تي مجلس کي خطاب ڪندي مولانا سيد قمر عباس نقوي، مولانا عرفان حيدر عابدي، ذاڪر سيد توقير رضا شاھ، مولانا اشفاق احمد نجفي، مولانا عرفات حسين عرفاني ۽ ٻين حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس 72 جانثارن قربانيءَ تي روشني وجهندي چيو ته ڪربلا جي شهيدن ڪنڌ ڪپائڻ قبول ڪيو پر وقت جي جابر اڳيان جهڪڻ قبول نه ڪيو اهوئي ئي سبب آهي
جو ڪربلا جا شهيد تاريخ ۾ امر ٿي ويا ۽ يزيد نيست نابود ٿي ويو. هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪربلا جي شهيدن جي ڏسيل راه تي هلڻ گهرجي ان ۾ ئي اسان جي ڪاميابي آهي .
ان موقعي تي ماتمي جلوس جي حفاظت لاءِ حفاظتي انتظام بهتر نه ڪيا جڏهن ته سيپڪو عملدارن جي ماتمي جلوس ۾ ڊيوٽي مقرر ڪئي وئي هئي.
جڏهن ته جعفريہ اسٽوڊنٽس آرگنائزیشن تنظيم طرفان پڻ رضاڪار مقرر ڪري جلوس جي نگراني ڪئي وئي.
هوڏانهن باڊھ، ڳوٺ ٻٽڙا، ٻلهڙيجي، بابل خان جروار، سيد بچل شاھ، ڳجهڙ ۽ ٻين هنڌن تي ماتمي جلوس ڪڍيا ويا.
جڏهن ته ڏوڪري ٽائون انتظاميا شهر ۾ صفائي سٿرائي ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي عزادارن پاڻمرادو روڊن رستن جي صفائي ڪندا رهيا ته جئين ماتمي جلوس ۾ شامل مومنين کي تڪليف نه پهچي سگهي
جُولاءِ 30, 2023