ٺٽو: ڪرناڻي ھائوس تي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو اجلاس  ٿي گذريو

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي )ڪرناڻي ھائوس ٺٽو تي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو اھم اجلاس  رھبر ڪميٽي جي سربراھ رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو،

جنھن ۾ جسقم جي سينئير اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،  جسقم آريسر جي چئيرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئيرمين نواز خان زئور،  جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ حاجي انور ڪرناڻي، رواداري تحريڪ جي صدر پنھل ساريو، نواز شاهه ڀاڏائي، راول ڪرناڻي، امجد شورو، نظير شيخ سميت ٻين قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي،

اجلاس ۾ قومپرست اڳواڻن پاران ڪيل فيصلن جي روشني ۾ چيو ويو تہ ڪارونجھر جبل نه فقط ٿر جي رھواسين جي زندگي سان لاڳاپيل ۽ اھم حيثيت رکندڙ آھي،  پر ڪارونجھر جبل سڄي سنڌ جو تاريخي ثقافتي، مذھبي جاگرافيائي ڏند ڪٿائي ۽ فطري ورثو آھي،

جنھن سان لکين سالن جي تاريخ جڙيل آھي، ھنن چيو تہ ڪارونجھر جبل چار لک ماڻھن جي پيئڻ سميت ٻين ضرورتن جي لاء پاڻي مھيا ڪرڻ جو اھم ذريعو آھي،

جنھن کي نيلام ڪرڻ لاء 4 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آھي، ھنن چيو تہ اسان جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان ڪارونجھر جي نيلامي کي سنڌ جي نيلامي ٿا سمجھون،

تنھن ڪري اھو اعلان ٿا ڪريون ته 4 آگسٽ تي ڊي جي مائنس ۽ منرلس جي آفيس ۾ جتي ڪارونجھر جي نيلامي جو واڪ ٿيندو، ان آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو،

ھنن سڄي سنڌ جي شعور کي پڻ اپيل ڪئي ته ھو چوٿين آگسٽ تي ڊي جي آفيس اڳيان گڏ ٿي ڪارونجھر جي نيلامي کي روڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن، ھنن ساڳئي ڏينھن تي جسقم طرفان ڪارونجھر جي نيلامي خلاف سڄي سنڌ ۾ اعلانيل مظاھرن جي سڏ جي حمايت ڪندي چيو تہ قومي اسيمبلي ۾ جيڪي تڪڙا ۽ ھنگامي بل پاس ڪيا ويا آھن،

جن ۾ 13 لک ايڪڙ سنڌ جي زمين دفاعي اداري کي ڏني ويئي آھي، جيڪا زمين مظلومن ماڻھن جي اھي، ان کانسواء ون ونڊو آپريشن جي نالي تي ٿيندڙ قانونسازي قومن جي تاريخي حقن ۽ خودمختياري تي راتاھو آھي،

جنھن ڏوھ ۾ سموريون اتحادي ڌريون شامل آھن، ھنن چيو تہ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي انھن بلن کي مڪمل طور رد ڪندي اعلان ٿي ڪري تہ ھوء سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪندي، جنھن جا وارث سنڌي آھن، ھنن چيو تہ سنڌ ۾ مسلسل انساني حقن جي لتاڙ ٿي رھي آھي،

  جنھن سبب ماڻھن جي زندگين کي زھر بڻايو ويو آھي، انساني حقن جي لتاڙ جو اھم پاسو قومي ڪارڪنن سميت مختلف ماڻھن کي کڻي گم ڪرڻ، فل فراء يا ھاف فراء ڪرڻ آھي، ھنن چيو تہ 30 آگسٽ کي جبري گمشدگين خلاف عالمي ڏھاڙي طور ملھايو ويندو آھي،

ان ڏھاڙي تي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين خلاف 30 آگسٽ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۽ پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاھره پڻ ڪيا ويندا.

جُولاءِ 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو