همراهه کي مذاق ڳچي پئجي وئي، غير ملڪي ڇوڪرين جي پهچڻ جي جعلي پوسٽ لڳائيندڙ گرفتار
غير ملڪي عورت جي باجوڙ ۾ مارجڻ جي جعلي پوسٽ لڳائيندڙ محمد گلاب کي گرفتار ڪيو ويوآهي.
گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ غير ملڪي عورت جي اچڻ ۽ سندن شاديون ڪرڻ جون خبرون سامهون آيون هيون.
انهيءَ کي نظر ۾ رکندي گذريل ڏينهن تعلقي سالارزئي جي رهواسي محمد گلاب پنهنجي دوست جي حوالي سان مذاق ۾ سوشل ميڊيا تي جعلي پوسٽ لڳائي ته هڪ برطانوي ڇوڪري پنهنجي محبوب سان ملڻ لاءِ تلي ڳوٺ پهچي چڪي آهي.
پوسٽ ۾ غير ملڪي عورت جي ضلعي باجوڙ جي رهواسي محمد اسحاق خان جي محبت ۾ باجوڙ پهچڻ جو ذڪر ڪيو هو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس غير ملڪي ڇوڪريءَ کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ ڇوڪري جي گھر پهتي ته خبر پئي ته ان خبر ۾ ڪو به سچ ناهي.
ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر نذير خان فيڪ پوسٽ تي نوٽيس ورتو جنهن تي پوليس سوشل ميڊيا واهپيدار محمد گلاب کي گرفتار ڪري هن خلاف لاڳاپيل سيڪشن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
ڊي پي او موجب سوشل ميڊيا تي جعلي ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ قانوني ڏوهه آهي جنهن جي سزا قانون ۾ واضح آهي.
هن چيو ته سوشل ميڊيا واهپيدار ان قسم جي حرڪت کان پاسو ڪن ۽ هڪ سٺو شهري هجڻ جو ثبوت ڏين نه ته قانون ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو.
جُولاءِ 30, 2023