مورو ۾ يوم عاشور 10 محرم الحرام وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو
مورو (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) مورو ۾ يوم عاشور 10 محرم الحرام وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو، ان سلسلي ۾ انجمن حسيني مورو پاران مرڪزي امام بارگاھ حسيني کان تابوت امام حسين عليه السلام ۽ تمام شبيھن تي مشتمل قافلو يا حسين يا حسين جي صدائن سان انجمن حسيني مورو جي اڳواڻن سيد شبير علي شاھ، ڊاڪٽر سيد سجاد حيدر شاھ، ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ، سيد ڪاظم علي شاھ، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، سيد گلڻ شاھ، زنوار شير علي ساٽي، سيد ڪوڙل شاھ، ڪاشف علي ٻرڙو، لياقت علي سرھيو، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، آفاق حيدر شاھ، غلام سرور سرھيو، شوڪت علي سرھيو ۽ ٻين شيعا مومنين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو ماتمي قافلي ۾ مختلف شھرن کان 50 کان مٿي قافلن شرڪت ڪئي ۽ قافلو مختلف پڙن سيد نھرو شاھ جو پڙ، سيد عالم شاھ جو پڙ کان ٿيندو خوشحال سائين جي پڙ تي پھتو جتي مومنين پاران گرزن جو ماتم ڪيو بعد ۾ ماتمي قافلو مين روڊ ميجر چونڪ تي پھتو جتي مومنين نوحي خواني تي گرزن زنجيرن سان زوردار ماتم ڪيو جنھن دوران سوين عزادار زخمي ٿي پيا جن کي طبي سھولت فراھم ڪرڻ لاءِ ڊي ايڇ او نوشھروفيروز جي طرفان تعلقي اسپتال مورو ۽ مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جسقم بشير خان قريشي، جسم رياض چانڊيو گروپ طرفان ميڊيڪل ڪيمپن تي مرھم پٽي ڪري علاج جي سھولت فراھم ڪئي وئي. بعد ۾ يوم عاشور جو ماتمي قافلو بخاري سائين جي پڙ کان شاھي بازار جي حُسيني چونڪ تي پھتو جتي شام غريبان برپا ڪئي وئي جنھن کي علامہ سائين بخش مناظري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ دين کي بچائڻ لاءِ حضرت امام حسين عليه السلام پنھنجن پيارن شھزادن، گھوٽن جون لازوال قربانيون ڏئي اسلام جي علم کي بلند ڪيو ۽ يزيد جي للڪار کي ھميشھ جي لاءِ نست و نابوت ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اڄ بہ حسينيت زنده آهي ۽ يزيديت مرده آهي شام غريبان ۾ فضائل ۽ مصائب دوران شيعا مومنين اوڇگارون ڏيندا روئيندا رھيا ۽ ياحسين ياحسين جون صدائون بلند ڪيون، اھڙي ريت ماتمي قافلو نوحي خواني ۽ ماتم جي صورت ۾ سخي ابراهيم شاھ پڙ ۽ سرھيه محلا کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاھ حُسيني پھچي اختتام پزير ٿيندو. جتي سيد رياض حُسين شاھ زيارت ۽ دعا پڙھندو ۽ آيل شيعا مومنين کي نياز کارايو ويو.
جڏھن ته ماتمي جلوس دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا جنهن جي نگراني ايس ايس پي نوشھروفيروز صدام حسين خاصخيلي، ڊي ايس پي مورو يار محمد رند، ايس ايچ او مورو مجيب الرحمان ناريجو، ايس ايڇ او درس محمد حنيف مھر، ايس ايڇ او ڪورائي علي نواز شاھاڻي ۽ پوليس دستن سان گڏ ڪري رھيا ھئا ۽ ايندڙ ويندڙ رستا کارادر تارن سان بند ڪري چيڪنگ ڪئي وئي، جڏهن تہ مورو علمدار اسڪائوٽ ۽ مورو بواءِ اوپن اسڪائوٽ گروپ جي رضاڪارن، اسپيشل برانچ، انٽيليجنس بيورو جي عملدارن پڻ ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون.
جڏھن تہ رات جو پوندڙ برسات کانپوءِ ماتمي روٽ پاڻي سان ڀرجي ويا ھئا جن جي صفائي جي سلسلي ۾ چيئرمين نذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر حسان ظفر، سي ايم او فيصل حسن ڏاھري ۽ عملي سان گڏجي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو. ان کان علاوه ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر اسدالله ڪلهوڙو، ايم ايس تعلقي اسپتال مورو ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، سابق جج علي گل خاصخيلي، ڊاڪٽر غلام شبير چوھاڻ، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري، وحيد رزاق، ڊاڪٽر وجھ الدين ميمڻ، ڊاڪٽر ساجد شبير چوھاڻ، ڊاڪٽر نديم صالح لانگاھ، ممتاز عالماڻي، شريف ڪوريجو، فدا حسين چوھاڻ، اويس چانڊيو، سرفراز احمد، مظھر علي، رياض حسين سومرو، محمد عرس جتوئي، مستوئي، شرجيل ممتاز ميمڻ، سيد اعظم شاھ ۽ ٻين پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏھن تہ يوم عاشور جي قافلي دوران صحافين پڻ پنھنجا صحافتي فرض کي نڀايا. يوم عاشور جي ڏينھن تي تعلقي مورو جي تمام ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ پڻ ماتمي قافلا ڪڍيا ويا ۽ ھر طرف ياحسين ياحسين جون صدائون بلند رھيون، نياز ۽ سبيلن جو پڻ اھتمام ڪيو ويو.
جُولاءِ 30, 2023