لاڙڪاڻو: سنڌ جي وڏي وزير پاران سنڌ جي چئن صلعن جو دورو
لاڙڪاڻو (بيوروچيف: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو ڪنڌڪوٽ 30 جولاءِ 2023 سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ 4 ضلعن سکر، گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ جيڪب آباد جو دورو ڪيو.
گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير ٿيڻ سان ڪچي جي ڏوهارين جو خاتمو ٿيندو. وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه .
هن وقت تائين 10 ڄڻا ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن جن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو: سنڌ جو وڏو وزير.
تفصيل موجب سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاه گڊو بئراج ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل ۽ ضلعي جي امن امان جو جائزو وٺڻ لاء ڪشمور ضلعي جو دورو ڪيو صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي , مڪيش ڪمار چاوله , ڄام خان شورو , مير اعجاز خان جکراڻي ائي جي غلام نبي ميمڻ ساڻس گڏ موجود هئا .
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح جو معائنو ڪيو
سنڌ جي وڏي وزير کي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو جي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اريگيشن کاتي سمورن بندن کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي هن وقت گڊو بئراج مان 4 لک 67 هزار 457 ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي ڪجهه طرفن کان دٻاءُ آهي پر صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي آبپاشي کاتي ٻوڏ واري صورتحال لاءِ بهتر انتظام ڪيا آهن. تنهن کان بعد
وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي ڪم جو جائزو وٺڻ لاء پل جي سائٽ جو پڻ دورو ڪيو ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پل جي 15 ڪلوميٽر آهي،
جيڪا سنڌو درياهه تي ٺهيل سڀ کان ڊگهي پل آهي وڏي وزير سنڌ ورڪس اينڊ سروسز کاتي کي هدايت ڪئي ته پل جي ڪم کي تيز ڪيو وڃي اين ايڇ اي جي اين او سي نه ملڻ سبب گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم بند آهي،
ڪم جلد شروع ڪيو ويندو پل انتظاميه پاران وزير اعلي کي بريفينگ . ضلعي اندر امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاء سي ايم سنڌ ايس ايس پي آفيس پهچي اجلاس جي صدرت ڪئي اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، شبير علي بجاراڻي، مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي صلاحڪار اعجاز خان جکراڻي، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر لاڙڪاڻو گنهور لغاري، ڊي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي شرڪت ڪئي
تنهن کان ميڊيا ڳالهائيندي چيو ته بدنام ڌاڙيل جانو انڊڙ ۽ سومار شر کي جهنم رسيد ڪيو ويو آهي
۽ ڏوهارين وٽان جديد قسم جا هٿيار هٿ ڪيا ويا.پوليس کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر چاهيان ٿو ته صوبي کي ڌاڙيلن کان پاڪ ڪيو وڃي پوليس سٺو ڪم ڪري رهي آهي
پر مان بهتر ڪم چاهيان ٿوهن وقت تائين 10 ڄڻا ڌاڙيلن جي قبضي هيٺ آهن، جلد بازياب ڪرايو ويندو امن و امان جي بحالي اسان جي ذميواري آهي،
آئون ان کي پنهنجي ڪاميابي سمجهندس جڏهن هتان جا ماڻهو محفوظ محسوس ڪندا . ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي به مرائتو ڏنيون وينديون .
گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل جي تعمير سان ڏوهارين جو خاتمو ٿيندو. تنهن کان بعد هن ايم پي اي مير عابد سنڌراڻي جي ابائي ڳوٺ دڙي سنڌراڻي پهچي سندس سوٽ جي وفات تي دعا مغفرت ڪئي.
جُولاءِ 30, 2023