سکر: سول ڊفينس پاران  شھر ۾ فرسٽ ايڊ ڪيمپ لڳائي وئي

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ )سول ڊفينس سکر پاران هر سال وانگر هن سال به محرم الحرام جي سلسلي ۾ 10 محرم الحرام تي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول مينار روڊ سکر ۾ عزادرن حضرت امام حسين عليه السلام کي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ فرسٽ ايڊ ڪيمپ لڳائي وئي ايڏيشنل ڪنٽرولر اميرالدين عباسي ۽ ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ جي نگراني ۾ ڪيمپ منعقد ڪيو ويو، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ اسپتال جي ڊاڪٽر ڪيلاش سميت 15 پيرا ميڊيڪل اسٽاف سميت 30 کان وڌيڪ رضاڪارن خدمتون سرانجام ڏنيون، 72 عزادارن کي فرسٽ ايڊ ڏني وئي،

 سول ڊفينس  سکر جي گروپ وارڊن محمد احمد شيخ، ڊپٽي گروپ وارڊن الطاف احمد قريشي پوسٽ وارڊن آغا اڪرم دراني، حاجي رياض کوکر، آصف خان، آصف شيخ، عدنان شيخ، اشفاق ميتلو، محمد ادريس کوسو، شرڪت ڪئي ۽ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون،

ان موقعي تي ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ چيو ته سول ڊفينس جا رضاڪار الله جي رضا لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڄ هر شخص کي سول ڊيفينس جي تربيت حاصل ڪرڻ گهرجي.وطن عزيز پاڪستان جي خدمت جو بهترين پليٽ فارم سول ڊفينس آهي، سول ڊيفينس خود انحصاري جي اصول تي ٻڌل آهي.

سول ڊفينس کي مضبوط ڪرڻ جديد دور ۾ وقت جي ضرورت آهي.  سول ڊفينس جي تربيت حاصل ڪرڻ هر پاڪستاني جو قومي فرض آهي، روزاني حادثن، قدرتي آفتن يا انساني پيدا ٿيندڙ آفتن بابت تربيت حاصل ڪرڻ هر پاڪستاني جو فرض آهي،

ته جيئن هو ان آفت کي بروقت منهن ڏئي سگهن، اچو ته سول ڊفينس ۾ شامل ٿي خدمت ڪريون. جيڪو پڻ عبادت آهي، ڊپٽي ڪمشنر سکر جي ڪوآرڊينيٽر سمندر ڀٽو، ايڊيشنل ڊي ايڇ او ڊاڪٽر جاويد شيخ پڻ ڪئمپ جو دورو ڪيو.

جُولاءِ 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو