سيوهڻ ۾ يومِ عاشور، حسيني امام بارگاھ تان ماتمي جلوس بر آمد
سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) پوري ملڪ جيان قلندر لعل شھباز رحمت الله عليہ جي نگري سيوهڻ شريف ۾ يوم عاشوره جي حوالي سان عزاداري ،10 محرم الحرام جي ڏهاڙي تي ڪربلا جي شهيدن ڀيٽا ڏيڻ لاءِ قديمي حسيني امام بارگاھ تان ٻن تعزين جو ماتمي جلوس بر آمد.
مرڪزي ماتمي جلوس پنهنجي روايتي روٽن تان گذرندي ڪربلا سيد ثابت علي شاھ جي پڙ تي نھر ٿيو، ماتمي جلوس جي روٽن تي مومن پاران جڳھ جڳھ تي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جون سبيلون قائم ڪري نياز لنگر تقسیم ڪيو ويو،
ماتمي جلوس ۾ عزادارن پاران سينازني زنجيرن سان ماتم ياحسين سلام ياحسين جون صدائون بلند ، محرم الحرام جي پوري ڏهين ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسن کان اڳ ميونسپل ڪميٽي سيوھڻ جي چيئرمين سيد شھزاد حيدر شاھ پاران صفائي سٿرائي جا بھترين انتظام ڪيا ويا پاڻ پوري ڏهين ۾ نڪرندڙ ماتمي جلوسن کان اڳ روٽن جا دورا ڪيا ۽ ميونسپل عملي کي صفائي سٿرائي لاءِ سخت هدايتون ڪندا رهيا، عزادارن پاران واکاڻ به ڪئي وئي،
ماتمي جلوس دوران سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي پاران صحت جون سهولتون مھيا ڪيون ويون 2 ايمبولينس هر وقت ماتمي جلوس سان گڏ هيون جنهن ۾ ڊاڪٽر ۽ صحت جو عملو موجود هيو
جيڪو بر وقت زخمي عزادارن کي ملم پٽي ڪندو رهيو،، مرڪزي ماتمي جلوس دوران نيٽورڪ بند رهيو، ماتمي جلوس جي موقعي تي ايس ايس پي ڄامشورو جي هدايت تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت،سيوهڻ پوليس اهلڪارن سان گڏ رينجرس اهلڪار ڊيوٽي سر انجام ڏنا.
جُولاءِ 30, 2023