برساتن ۾ شدت ايندي: الرٽ جاري

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو جاري آهي، هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب 25 جون کان 29 جولاءِ تائين 173 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. موسميات کاتي پهرين آگسٽ تائين پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. هريپور ويجهو ڳوٺ گانڌيءَ ۾ طوفاني برسات دوران گهر جي ڇت ڪري پئي، مڙس ۽ زال ملبي هيٺان دٻجي فوت، محمد اسحاق ۽ طاهره بيبي جا لاش ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا.

هوڏانهن پلندري آزاد ڪشمير ۾ گهر مٿان جابلو ڇپ ڪرڻ سبب 3 ورهين جي ٻارڙي فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

راولڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب درياهه ۾ پاڻي بيهجي ويو. ڪيترائي گهر ۽ دڪان متاثر ٿيا.

لاهور ۾ برسات سبب هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. گلشن راوي ۾ سڀ کان وڌيڪ 140 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. پني والا ۾ هڪ سئو 25 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، قرطبه چوڪ ۾ 97، لڪشمي چوڪ ۾ 89 تاجپورا ۾ 58 ملي ميٽر ۽ سمن آباد ۾ 44 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ شام ۽ رات جي وقت برسات پوڻ جو امڪان آهي.

لراڍي جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.

راوي ۽ ستلج دريائن ۾ پاڻي جي سطح مسلسل برساتن ۽ ڀارت کان ايندڙ پاڻيءَ جي وهڪري سبب بلند ٿي وئي آهي.

راوي درياهه ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ڪماليا ۽ ننڪانه صاحب ۾ درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي.

ننڪانه صاحب ۾ راوي درياهه ۾ تيز وهڪري سبب نوان ڪوٽ، واڊا جٽان، گنيش پور، هنڊا ۽ ڀچوڪي پار سميت ٻين ڳوٺن ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ڪچا گهر ڊهي پيا آهن.

سنڌو درياهه ۾ تربيلا، ڪالاباغ، چشمه وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي، جڏهن ته تونسه ۽ گڊو بئراج وٽ وچولي سطح جي ٻوڏ آهي.

نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) تازو برساتن سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪئي.

رپورٽ موجب 25 جون کان 29 جولاءِ تائين 173 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، فوتين ۾ 69 مرد، 32 عورتون ۽ 72 ٻار شامل آهن.

اين ڊي ايم اي موجب سڀ کان وڌيڪ 67 فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون، 47 فوتگيون خيبرپختونخواهه ۾ ٿيون، 10 فوتگيون بلوچستان ۾ ٿيون.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 11، سنڌ ۾ 21، آزاد ڪشمير ۾ 12 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 ڄڻا فوت ٿيا.

تازين برساتن سبب سڄي ملڪ ۾ 260 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ 110 مرد، 76 عورتون ۽ 74 ٻار شامل آهن.

اين ڊي ايم اي جي رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ 1485 گهر تباهه ٿيا جڏهن ته 475 ڍور ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا.

جُولاءِ 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو