باجوڙ ۾ ڌماڪو، 30 ڄڻا مارجي ويا، 80 زخمي
باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب ڌماڪو ورڪرز ڪنوينشن جي اندر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس ٻڌايو ته ڌماڪي سبب 35 ڄڻا مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ مارجي ويا ۽ مارجي ويلن ۾ جي يو آءِ تعلقي خار جو امير مولانا ضياءُالله جان به شامل آهي.
پوليس چيو آهي ته ڌماڪي ۾ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
باجوڙ ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر چيو آهي ته زخمين کي تيمرا گرا ۽ پشاور جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ڌماڪي ۾ خانگي ٽي وي چينل جو ڪيمرا مين سميع الله به سخت زخمي آهي.
پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڌماڪي جي نوعيت جي حوالي سان ڄاڻ سامهون ناهي آئي.
جميت علماءِ اسلام ف جي ڪي پي ڪي جي ترجمان عبدالجليل جان ٻڌايو ته وڪرز ڪنوينشن ۾ مولانا لائق جي تقرير دوران ڌماڪو ٿيو
هن ٻڌايو ته ايم اين اي مولانا جمال الدين ۽ سينيٽر عبدالرشيد به ڪنونشن ۾ موجود هئا جڏهن ته تعلقي خار جو امير مولانا ضياءَ جان ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي.
ڪارڪنن پرامن رهن، اسپتال پهچي رت جو عطيو ڏين: مولانا فضل الرحمان
ٻي پاسي جميعت علماءِ اسلا م ف جي سربراهه فضل الرحمان باجوڙ ۾ ورڪرز ڪنوينشن ۾ڌماڪي جي افسوس ڪندي وزيراعظم، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان واقعي جي انڪوائري جو مطالبو ڪيو.
هن اپيل ڪئي ته جي يو آءِ ڪارڪن اسپتال پهچي رت جو عطيو ڏين.
مولانا فضل الرحمان ڪارڪننن کي تلقين ڪئي ته جي يو آءِ ڪا ڪارڪن پرامن رهن.
جُولاءِ 30, 2023