چوٽياريون لڳ ٽنڊومٺاخان ۾ مرڪزي امام بارگاھ حسيني مان ماتمي جلوس برآمد
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو)چوٽياريون ويجهو ٽنڊومٺاخان ۾ مرڪزي امام بارگاھ حسيني مان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو زنجيرن سان عزاداري ڪئي وئي پوليس پاران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا
تفصيل موجب چوٽياريون لڳ شھر ٽنڊومٺاخان ۾ قربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مرڪزي امام بارگاھ حسيني مان سيد جاني شاھ لڪياري جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس برآمد ٿيو
جيڪو مختلف رستن تان ٿيندو تاريخي امام بارگاھ حيدري تي ڪجھ دير قيام ڪرڻ بعد شھر جي مختلف رستن ۽ گلين مان ٿيندو مين چوڪ تي پهتو جتي مومنن پاران زنجيرن سان عزاداري ڪئي وئي
جنهن بعد جلوس مختلف رستن تان ٿيندو واپس امام بارگاھ حسيني تي پهتو جتي مجلس ۽ نياز بعد اختتمام پزير ٿيو ماتمي جلوس جي رستي تي وک وک تي سيد صالح شاھ لڪياري سميت خاصخيلي برادري جمالي برادري ڪيريا برادري ۽ سيد برادري جي شهرين طرفان مٺي شربت جون سبيلن ۽ نياز جو بندوبست ڪيل هو
جڏھن ته جلوس جي سيڪيورٽي لاء ايس ايس پي سانگهڙ جي حڪم تحت ايس ايڇ او چوٽياريون نبي بخش بلوچ جي اڳواڻي ۾ چوٽياريون پوليس طرفان سخت انتظام ڪيا ويا آھن
جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي ٽنڊومٺاخان جي چيئرمين سيد مدد شاھ لڪياري ۽ وائيس چيئرمين محرم راڄڙ طرفان جلوس جي رستن تي پاڻي جي ڇٽڪار ڪرڻ سان گڏوگڏ صفائي جو بندوبست ڪيل ھو
ٻئي طرف پي پي ايڇ آئي اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر واشومل ۽ اسپتال انتظاميه طرفان ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي جتي عزاداري دوران زخمي ٿيل مومنن جي مرهم پٽي ڪئي وئي ۽ دوائون ميسر ڪيون ويون ماتمي جلوس ۽ عزاداري ۾ چوٽياريون ٽنڊومٺاخان ۽ ڀرپاسي جي مومنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
جُولاءِ 28, 2023