ملير: اسٽار گرائونڊ لڳ  ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل

Spread the love

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) قائدآباد ٿاڻي جي حد شيرپائو ڪالوني سيڪٽر ايف ٽو اسٽار گرائونڊ لڳ  ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل ، ڦورو فرار ، واقعي جو ڪيس قائدآباد ٿاڻي تي داخل ، اسان جو نوجوان بيگناه قتل ڪيو ويو آھي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

مقتول جو چاچو احمد تفصيل موجب ڪالوني سيڪٽر ايف ٽو اسٽار گرائونڊ لڳ  ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان سيني ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان عباس حسين ولد اقبال ٿڏي تي فوت ويو ،

ڦورو فرار ٿي ويا ، اطلاع تي پوليس پھچي نوجوان کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪرايو ، گهر ۾ خبر پوڻ تي ڪهرام مچي ويو ماء کي بيهوشي جا دورا ، شيرپائون ڪالوني ۾ تڏو وڇايو ويو

علائقي ۾ ڏک جي لهر هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آھي نوجوان جا قاتل جلد گرفتار ڪيا ويندا معاملو ڦر دوران پيش آيو آھي

اسان ڏک ۾ آھيون پوليس ڪيس عباس حسين جا قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪري اڄ اسانجي نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا پوء احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.

جُولاءِ 28, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو