لنڪا پريميئر ليگ، بابر اعظم جي پرستارن لاءِ اهم خبر اچي وئي
ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم لنڪا پريميئر ليگ ۾ سريلنڪن بيٽر نروشان ڊڪويلا جي ڪپتاني ۾ کيڏندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪولمبو اسٽرائيڪرز سريلنڪن بيٽر نروشان ڊڪويلا کي ڪپتان مقرر ڪيو آهي جنهن کانپوءِ نروشان ڊڪويلا لنڪن پريميئر ليگ ۾ ڪولمبو اسٽرائيڪرز جي قيادت ڪندو.
لنڪا پريميئر ليگ جي فرنچائز ڪولمبو اسٽرائيڪرز ۾ بابر اعظم، نسيم شاهه ۽ افتخار احمد شامل آهن، جڏهن ته لنڪا پريميئر ليگ ٽيهه جولاءِ کان شروع ٿيندي.
ياد رهي ته بابر اعظم ايل پي ايل ۾ سڌي ريت معاهدو ڪندڙ ڪرڪيٽرن جي فهرست ۾شامل آهي.
جُولاءِ 28, 2023