سکر: 550 سؤ سالھ تاريخي ماتمي جلوس برپا،لکين عزادارن جي شرڪت
سکر (رپورٽ : امداد علي گل ڪلوڙ ) روھڙي مان ساڍا پنج 550 سؤ سال تاريخي ماتمي جلوس برپا ڪيو ويو
جنھن ۾ لکين عزادارن جي شرڪت ڪربلا جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ان ڏس ۾ نائين محرم الحرام جي رات جو دير سان شاھ خرسان امام بارگاھ کان ڪربلا مولا وارو تعزيو برآمد ڪيو ويو،
زيارت کي ڏسڻ لاءِ روھڙي جي مختلف بازارو ۽ ميدانن تي لکين ماڻھون موجود ھئا فجر مھل روايتي طرح سان شمع گل پڻ ڪئي وئي، آخر ۾ صبح جو سج اڀرڻ وقت ڪربلا مولا واري تعزيي کي منڊي کبڙ وٽ رکيو ويو
جڏھن ته شمع گل جي ماتم ۾ رش ۽ حبس سبب ھڪ عزادارن فوت ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي فوت ٿيل عزادارن جي سڃاڻپ سکر شاليمار لڳ ڊسٽرڪٽ جيل جو رھواسي آغا شاھزيب پٽ آغا احمد نواز پٺاڻ طور ٿي
جڏھن ته تاريخي ماتمي جلوس جي موقعي تي روھڙي شھر مڪمل سيل ڪيو ويو ھو ۽ 9 محروم الحرام جي منجھند جو عزادارن منڊي کبڙ وٽان ٻيھر ڪربلا مولا واري تعزيي کي برپا ڪيو
جيڪو روھڙي جي شاھي بازار ڍڪ بازار واري رستن کان گذاري ڪربلا مولا واري ميدان تي شھيد حسين رضه جي زري ڀرسان تعزي کي ميدان تي رکيو ويو، جنھن کي 10محرم الحرام جي منجھند جو ٻيھر کنيو ويندو ۽ شام جو وڇوڙي ۽ تعزيي جي نھر واري رسم ادا ڪئي روھڙي ۾ 10 محرم الحرام جي موقعي تي پڻ سخت حفاظتي انتظام جاري رکيا ويندا
جُولاءِ 28, 2023