مورو: پير بخاري پڙ کان ميجر چوڪ ۽ حسيني چونڪ پهتو، مجلس برپا

Spread the love

مورو (رپورٽ ڪاشف علي لغاري) مورو ۾ شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ 08 محرم الحرام تي مرڪزي امام بارگاھ حسيني مورو مان سيج شھزادہ قاسم ابن امام حسن عليہ السلام، علم پاڪ حضرت عباس عليه السلام و ذوالجناح تي مشتمل ماتمي قافلو انجمن حسيني مورو جي اڳواڻن سيد سجاد حيدر شاه،  سيد ڪاظم علي شاھ، ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، سيد شبير علي شاھ، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، آفاق حيدر شاھ، سيد نذير علي شاھ، سيد ڪوڙل شاھ، ڪاشف علي ٻرڙو، سيد گلڻ شاھ، امير علي سرھيو، شير علي ساٽي، اصغر علي سرھيو جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس مخلتف پڙن سيد نهرو شاھ پڙ، سيد عالم شاھ، پڙ، بولاڻي محلا مان ٿيندو

خوشحال پير وٽ پھتو جتان ماتم ڪندا جلوس پير بخاري پڙ کان ميجر چوڪ ۽ حسيني چونڪ پهتو جتي مجلس برپا ڪئي وئي جتي سائين بخش مناظري ۽ ارباب علي مشھدي حضرت امام حسين عليه السلام جا فضائل ۽ مصائب بيان ڪيا.

جڏھن تہ شھر ۽ ماتمي روٽن مرڪزي امام بارگاھ طرف امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي مورو يار محمد رند، ايس ايڇ او مورو مجيب الرحمان ناريجو پوليس نفري سان گشت ڪندا رھيا ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان چيو تہ مورو پوليس جا ھڪ سئو کان وڌيڪ پوليس اھلڪار ماتمي قافلي سان پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيا آھن

جڏھن تہ قافلي دوران مختلف رستن تي پڻ مورو پوليس جا جوان ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي چيڪ ڪري پوءِ قافلي ڏانھن موڪلي رھيا آھن.

جڏھن تہ مورو پوليس سان گڏ علمدار اسڪائوٽس، مورو بواءِ اوپن اسڪائوٽ گروپ جا رضاڪار پڻ ماتمي قافلي ۾ فرائض سرانجام ڏيندا رھيا،

ٻئي طرف صفائي سٿرائي جي نظام کي بھتر بنائڻ لاءِ  چيئرمين نذير احمد ميمڻ، سي ايم او مورو فيصل حسن ڏاھري، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو حسان ظفر ۽ ميونسپل عملي سان گڏ جلوس جي رستن جو دورو ڪري صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو ۽ ان جي نظرثاني پڻ ڪندو رھيو.

جُولاءِ 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو