گهوٽڪي: غريب آباد واسي شيخ برادري جي ماڻھن جو احتجاجي مظاھرو

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ ماجد منگي ) گهوٽڪي جي علائقي ڀٽا مارڪيٽ غريب آباد جي رهواسين شيخ برادري سان تعلق رکندڙ رستم شيخ، سهراب شيخ ۽ ٻين سيشن ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سکر جي آباد ٿاڻي جي پوليس گهوٽڪي ۾ بغير اجازت اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي پٽ سميع الله شيخ کي بيگناهه گرفتار ڪري ٽن ڏينهن تائين اڻڄاتل جاءِ تي رکيو،

مون تي رشوت ڏيڻ لاء دٻاء وڌو رشوت نه ڏيڻ تان پوليس سميع الله کي ڪوڙي چوري جي ڪيس ۾ چالان ڪيو آھي منهنجي پٽ کي بيگناهه تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي،

عدالت ۾ پيش ٿيڻ بعد گرفتار سميع الله شيخ ميڊيا آڏو روئيندي ٻڌايو ته هن وقت تائين مون تي سخت تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ منهنجي والد کان رشوت طلب ڪئي پئي وڃي۔

مظاهرين ۽ گرفتار سمع الله شيخ لاڳاپي اختيارن کان انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آھي۔

جُولاءِ 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو