ڪراچي: ايوب ڳوٺ مان برسات جو پاڻي نيڪال نھ ٿي سگھيو، علائقي واسي پريشان
ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) چار ڏينهن گذرڻ باوجود سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 ۾ صفائي سٿرائي نه ٿي سگهي،
يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ڪائونسلر ڳولهي به نه ٿا لڀن شهري تڪليفون واري زندگي گذارڻ تي مجبور، ان موقعي تي علائقي واسين ڳالهائيندي چيو ته يوسي چيئرمين دلدار برفت وائس چيئرمين قادر برفت سيوريج جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ تيار ناهن،
هاڻوڪن برساتن ۾ سهراب ڳوٺ ٽائون يوسي 3 چيئرمين دلدار برفت ۽ وائس چيئرمين قادر برفت جو ڪوبه ساراه جوڳو ڪم نظر نه آيو، علائقي جي گهٽين ۾ گٽر جو پاڻي بيٺل آهي علائقي واسين جون ڳالهيون ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اسان وٽ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، ايوب ڳوٺ ۾ ڊرينج سسٽم مڪمل طور تي ناڪاره بڻائجي ويو آهي،
جڏهن ته چار ڏينهن گذرڻ باوجود به برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي،اسان سنڌ حڪومت وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه سهراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين لالا رحيم کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيون ٿا.
جُولاءِ 27, 2023