ڏوڪري:  نادرا آفيس شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

ڏوڪري (قاضي فريد)   ڏوڪري  شهر مان نادرا آفيس شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ خلاف ڏوڪري جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻ تعليمي ماهر استاد لياقت علي ميراڻي، ايس يو پي اڳواڻ صابر جروار، نديم جوڻيجو، محمد علي کوسو، سماجي شخصيت قاضي شڪيل احمد، اڪبر لوهر ۽ شهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نادرا آفيس آڏو سخت احتجاج ڪندي پڻ نعريبازي ڪئي.

ڏوڪري بچايو ادارو بچايو ۽ نادرا آفيس شهر مان منتقل نه ڪيو جا نعرا هنيا، ان موقعي تي مظاهرين نادرا آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي جنهن کي خطاب ڪندي هنن چيو ته ڏوڪري شهر ۾ نادرا آفيس هئڻ بعد شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي

 جنهن سان شهرين کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پوندو، هنن چيو ته ڏوڪري جي نالي سان منسوب ادارو ڏوڪري ۾ قائم هجڻ کپي، نادرا سينٽر جي زبون حال بيڻل پراڻي بلڊنگ کي نئين سر تعمير لاءِ ٽينڊر به پڻ پاس ٿيل آهي ليڪن ان ٽيٽدر کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي،

هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نادرا آفيس ڏوڪري شهر ۾ ئي نئين سر بلڊنگ تعميراتي ڪم شروع ڪري عوام جي بيچيني ختم ڪري نادرا آفيس شهر ۾ ئي رهڻ ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

جُولاءِ 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو