ٺٽو: چيئرمين ٽائون ڪميٽي مڪلي پاران مختلف علائقن جو دورو

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين پير زين العابدين شاھ جيلاني مڪلي جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ بعد مڪلي جي وارڊ نمبر 07 شاھ لطيف جالوني مڪلي پھتو، جتي شھرين کيس صفائي سٿرائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون،

جتي ٽائون ڪميٽي مڪلي جي ڇيئرمين پير زين العابدين شاھ جيلاني مڪلي شاھ لطيف ڪالوني جي رھواسين کي خاطري ڪرائي تہ سندن جائز مسئلا 10 محرم الحرام کانپوء اوليت جي بنيادن تي سندس نگراني ۾ حل ڪيا ويندا،

 جنھن ۾ کين واٽر سپلاء جون نيون لائينون لڳرائي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائڻ سميت سندن گليون پڻ صاف سٿريون ڪرائي کين پريشاني کان بچايو ويندو. ھن چيو تہ اسان عوام جا خادم اھيون ۽ انھن جي خدمت ڪرڻ لاء ايا اھيون،

ھو بي فڪر رھن، سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، شھري بہ سندن ساٿ ڏين. ان موقعي تي عبدالستار چانڊيو، اعجاز چانڊيو، آفتاب چانڊيو، محمود چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

جُولاءِ 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو