ملير: گڏاپ ۾ مزدورن ۽ معذورن لاءِ فليٽ لاڳاپيل آفيسرن جي مدد سان ھڙپ
ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي ) ملير گڏاپ ۾ مزدورن ، پورهيتن ۽ معذورن لاء ٺاهيل فليٽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ڪامورن ۽ مافيا جي ملي ڀڳت 92 کان وڌيڪ فليٽ معذورن سان فراڊ ڪري هڙپ ڪري ويا ، معذورن جو سيڪريٽري کي لکت ۾ شڪايت باوجود ورڪر ويلفئير بورڊ جي ڪامورن تحرڪ نه ورتو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ ۾ پورا ، معذور رلي ويا ،
سنڌ جي وڏي وزير کان ورڪر ويلفئير بورڊ جي وزير ۽ سيڪريٽري کان معاملي جو نوٽس وٺي ملوث ڪامورن ۽ مافيا خلاف سگهاري ڪاروائي جو مطالبو تفصيل موجب ملير گڏاپ ۾ مزدورن ،
پورهيتن ۽ معذورن لاء ٺاهيل فليٽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ڪامورن ۽ مافيا جي ملي ڀڳت 92 کان وڌيڪ فليٽ معذورن سان فراڊ ڪري هڙپ ڪري ويا ان سلسلي ۾ بلال احمد ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته ورڪر ويلفئير بورڊ جي ڪامورن خالد کوکر ، شهاب الدين ، ظفر ، ثمر عباس ۽ ٻين ملي ڀڳت ڪري گڏاپ ٽائون سپرهاء وي لڳ ورڪر ويلفيئر بورڊ طرفان ٺاهيل فليٽ مشين ٽول فيڪٽري جي ريٽائر ملازم رفيق نالي شخص سان گڏجي اکين کان معذورن نابينن جا فليٽ ھڙپ ڪري ويا آھن جنهن جي لکت ۾ شڪايت ليبر سيڪريٽري لائيق علي کي لکت ۾ شڪايت ڏني جنهن تي سيڪريٽري لبير لائيق علي ورڪر ويلفئير بورڊ لکت ۾ نوٽس جاري ڪيو پر بااثر ڪامورن سيڪريٽري جي لکت کي به ٿڏي ڇڏيو
سندن مٿي تي جوء نه چري ۽ ڪامورا پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ ۾ پورا ٿي اکين کان معذور رلي ويا آھن هنن سنڌ جي وڏي وزير کان ورڪر ويلفئير بورڊ جي وزير ۽ سيڪريٽري کان معاملي جو نوٽس وٺي ملوث ڪامورن ۽ مافيا خلاف سگهاري ڪاروائي جو مطالبو آھي
ته ڪرشن ۽ فليٽ ڦٻائڻ ۾ ملوث سڀني جوابدارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪري معذور ڪوٽا تي جاري ڪيل اسان جا فليٽ ڏياريا وڃن اسان خدشو آھي خالد کوکر ٻين ڪامورن جعلي فائلون ٺاهي اسڪين تي اسان جا فليٽ ڳري پيسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيا آھن تنهن ڪري ڪميٽي جوڙي شفاف جانچ ڪرائي وڃي.
جُولاءِ 27, 2023