شھر ۾ لائيٽنگ جو سامان تقسيم ڪيو آهي: پير دانش علي
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) ميونسپل ڪاميٽي دادو چيئرمين پيردانش علي چيو ته محرم الحرام جي سلسلي ۾ لڳل سبيلن، امام بارگاهن ۽ علم پاڪ لاءِ لائيٽنگ جو سامان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تقسيم ڪيو ويو آهي.
ميونسپل چيئرمين پاران مقرر ڪيل فوڪل پرسن ڪائونسلر وارڊ 7 سيد امير شاهه چيو ته ميونسپل ڪاميٽي دادو ۾ لائيٽنگ جو سامان تقسيم ڪيو آهي .
محرم الحرام جي سلسلي ۾ دادو شهر ۾ لڳل سبيلن تي لائيٽنگ جو سامان فراهم ڪيو ويو آهي، ماتمي جلوسن جي روٽن تي صفائي سان گڏ ميونسپل ڪاميٽي پنهنجون ذميوايون ادا ڪري رهي آهي.
جُولاءِ 27, 2023