دادو ۾ پير مظھرالحق، پير مجيب الحق پاران عزادارن ۾ نياز ۽ مشروبات تقسيم
دادو (رپورٽ :سرور جلال سولنگي ) اٺين محرم الحرام تي پيپلزپارٽي سي اي سي ميمبر پير مظھرالحق، ايم پي اي پير مجيب الحق، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پيردانش علي،
پير بلاول پاران پير هائوس دادو ۾ هر سال جيان هن سال به شهداءِ ڪربلا امام حسين عليه السلام جي لازوال قربانين جي ياد ۾ نياز امام حسين عليه السلام جي دعا گهري چيئرمين پيردانش علي پاڻ عزادارن ۾ نياز ۽ ٿڌي مشروبات تقسيم ڪيو،
ٻئي طرف شهر ۾ ڪربلا جي ميدان ۾ امام حسين عليه السلام ۽ ان جي ساٿين جي ڏنل قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هر طرف يا حسين ع يا حسين ع جون صدائون دادو شھر جي امام بارگاهن ۾ عزاداري ۽ مجلس عزا برپا ڪيون پيون وڃن.
جُولاءِ 27, 2023