ايم ايس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو خلاف ڪرپشن بابت انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو  

Spread the love

لاڙڪاڻو (بيوروچيف: عبدالوحيد  ابڙو)  لاڙڪاڻو  چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾   ايم ايس گلزار تونيو جي مقرري جي هڪ سال دوران هڪ ارب کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي آھي

جڏھن گلزار تونيو کي ايم ايس چانڊڪا جي عهدي کان هٽايو ويو آھي ته هن جي وقت ۾ ٿيندڙن ڪرپشن جي انڪوائري ڪئي وڃي

ايم ايس چانڊڪا گلزار تونيو جي مقرري جي پهرين ستن ڏينهن دوران 62ڪروڙ مشنري جا اڳواٽ ڪڍي ڪمپنن کي پيمٽ ڪئي وئي

لاڙڪاڻو واسيو اها مشنري ڪٿي آھي چانڊڪا ۾   اوهان اسان ڪا نئين مشنري ڏٺي آھي گلزار تونيو کي جڏھن ايم  ايس چانڊڪا مقرر ڪيو ويو هيو ان ڏينهن دوران ڪلوزنگ جا ڏينهن هيا

  ان ڏينهن ۾ هن بجيٽ جا رهيل 30ڪروڙ به مختلف هيڊن مان ڪڍي هڙپ ڪيا

 انهن جي به انڪوائري ڪئي وڃي ڪلوزنگ کان پوء چانڊڪا اسپتال جي نئين بجيٽ سوا ٻه ارب روپيه اچي وئي ان بجيٽ کي به  ايم ايس گلزار تونيو مريضن جي ڀلائي کان وڌيڪ پنهنجي ڀلائي لاء استعمال ڪيو

جنهن مان هن هڪ ريوو 2023گاڏي خريد ڪئي هڪ سوڪ هنڊا 2023 خريد ڪئي  هڪ گرنڊي 2023 خريد ڪئي ويندي ويندي بدلي کان هڪ ٻه ڏينهن  اڳ۾ به چانڊڪا اسپتال جي بجيٽ کي 3ڪروڙ جو چونو لڳائي پوء ويو

جُولاءِ 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو