ڏوڪري: حضرت امام حسين عھ جي حوالي سان سوھو ھائوس ۾مجلس منعقد

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري پ پ اڳواڻ تعلقہ صدر زوار منيراحمد سوهو جي طرفان حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت جي موقعي تي مجلس سوهو هائوس ۾ منعقد ڪئي وئي. مجلس عزا ۾ ذاڪرين شهداء ڪربلا امام حسين عليه السلام جي ياد تازي ڪئي،

جنهن ۾ مجلس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع لاڙڪاڻي جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري زوار فداحسين ڦلپوٽو، زوار نياز حسين سوهو، زوار فداحسين ابڙو، پروفيسر سردار سراج احمد سوهو سميت سياسي سماجي مذهبي ڌريون جي شخصيتن ۽ تمام مومنين وڏي انگ شرڪت ڪئي،

جڏھن ته مجلس عزا کي اسد شر ۽ ٻين مقررين خطاب ڪندي چيو آهي ته امام حسين عليه السلام جي شهادت جو مقصد تمام سٺي انداز ۾ بيان ڪيو ۽ هنن چيو ته جڏهن حڪومت غلط طريقي سان هلندي آهي ته امام حسين عليه السلام جو ڏيکاريل رستو قيامت تائين امت جي لاءِ مشعل راهه آهي.

جُولاءِ 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو