ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ جي هدايت تي اسڪولن ۽ پبلڪ لائبريرين ۾ سولر سسٽم نصب

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد جي خاص هدايتن تي سماجي تنظيم ٿرديپ پاران مختلف اسڪولن ۽ پبلڪ لائبريرين ۾ سولر سسٽم نصب ڪيا ويا.

 ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سندن ڪوشش آهي ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي تعليم لاءِ سازگار ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪري اعليٰ عهدن تي فائز ٿي سگهن.

 ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر محمد اسحاق گاد وڌيڪ چيو ته اسڪولن کان علاوه مختلف ڳوٺن ۾ قائم صحت مرڪزن کي پڻ سولر انرجي سان ليس ڪيو ويو آهي جنهن سان ٻهراڙي جي عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

جُولاءِ 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو