سيوھڻ ۾ مھانگائي جو جن قابو نھ ٿي سگھيو، شھري پريشان
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾ مھانگائي جو جن ڪابو ن ٿي سگھيو، سيوھڻ جو عوام سخت پريشان، سيوھڻ شھر ۾ سبزي وڪرو ڪندڙن سبزي جا اگھ وڌائي ڇڏيا، ڪو ب سيوھڻ تعلقي جو آفيسر مھانگائي تي ڪنٽرول ن ڪرائي سگھيو ن وري ڪڏھن ڪنھن تعلقي جي آفيسر شھر سيوھڻ ۾ ڪنھن سبزي جي دوڪان تي ريٽ چڙھي لسٽون چيڪ ڪيون، جڏھن ت سيوھڻ ۾ سبزي وڪرو ڪندڙن ھن محرم الحرام جي مھيني ۾ ھٿ جا سبزي جا اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آھن.
سبزي وڪرو ڪندڙن کي ڪير ب چوڻ وارو ڪون آھي، مارڪيٽ ڪاميٽي ڀان وارا رڳو اگھن جون لسٽون ڏيو وڃن ٿا، اھي مارڪيٽ ڪاميٽي وارا سبزي وڪرو ڪندڙن جا اگھ چيڪ ن ڪري رھيا آھن، سيوھڻ جي عوام ھن مھانگائي جي دور ۾ مھانگي سبزي وٺڻ تي مجبور لڳا پيا آھن،
جڏھن ت سيوھڻ ۾ سبزي جا ريٽ ھيٺين ريت آھن پٽاٽا ھڪ ڪلو 100 روپيه وڪرو ٿي رھيا آھن جڏھن ت ٽماٽا 200 روپيه في ڪلو بصر 80 روپيه في ڪلو ڀينڊي 160 روپيه ڪلو ميھا 140 روپيه وڪرو ٿي رھيا آھن جڏھن ت سبزي جا دوڪاندار مٿي ڏسيل اگھن تي وڪرو ڪري رھيا آھن
سوال ان ڳالھ جو آھي ت سبزي جي ھٿ جي وڌايل اگھن تي سيوھڻ شھر ۾ ڪير ڪنٽرول ڪرائيندو، خدارا ڪجھ سيوھڻ جي غريب عوام تي رحم ڪريو سبزي جي وڌايل اگھن تي ڪنٽرول ڪرايو سيوھڻ جي رھواسين رحم علي ڪنڀر رستم علي ڪلھوڙو غلام اصغر ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو کان مطالبو ڪن ٿا تھ خدارا سيوھڻ جي سبزي وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن ۽ ريڙھي وارن جا سبزي جا اگھ چيڪ ڪرڻ لاء تعلقه انتظاميه سيوھڻ کي حڪم ڪيو
ت جيئن سبزي وڪرو ڪندڙ دوڪاندار ۽ ريڙھي تي سبزي وڪرو ڪندڙ ھٿ جي ڪيل مھانگائي تي ڪنٽرول ٿي سگھي ۽ سيوھڻ جي غريب عوام کي سبزي سستي اگھ تي ملي سگھي.
جُولاءِ 26, 2023