سيوھڻ: بودلا بھار سڪندر جي پڙ تان ذوالجناح جلوس برآمد
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾ 06 محرم الحرام جي ڏينھن شام جو سخي بودلا بھار سڪندر جي پڙ تان ذوالجناح جو جلوس برآمد ڪيو ويو
جيڪو روايتي روٽ تان ٿيندو حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله جي مزار جي سوني گيٽ وٽ پھتو جتي مجلس پڙھي ويئي
مجلس پڙھي وڃڻ کانپوء ذوالجناح جو جلوس تجر جي پڙ تي نھر ٿيو جڏھن ت جلوس ۾ ڪيترن مومنن شرڪت ڪري عزاداري پڻ ڪئي
جڏھن ت جلوس جي سيڪيورٽي لاء ڪيترائي پوليس اھلڪار مقرر ٿيل ھئا جلوس جي سيڪيورٽي انتھائي سخت ڪئي ويئي ھئي جلوس جي روٽن جي صفائي وغيره جو بندوبست پڻ ڪيو ويو ھئو.
جُولاءِ 26, 2023