روھڙي: قديم ڪربلا وارو شمع گل ماتمي جلوس اڄ برآمد ٿيندو
روھڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ)قديم ڪربلا وارو شمع گل ماتمي جلوس اڄ روھڙي مان برآمد ٿيندو، سڪيورٽي سخت، انتظاميا، روڊن سيل تفصيل موجب 550 سال قديمي ڪربلا مولا جو مرڪزي ماتمي جلوس اڄ 8 ۽ 9 محرم جي وچ واري رات دير سان روهڙي جي درگاھ مور شاھ ڊول مبارڪ کان رات جي اونداهي ۾ لائيٽون بند ڪري شمع گل وارو ماتم برآمد ڪيو ويندو
ماتمي جلوس جي گذرگاهن ڏانھن ايندڙ سمورا رستا رات جو دير سان سيل ڪيا ويندا جڏهن ته پوليس، رينجرس جا وڏي تعداد ۾ اهلڪارن مقرر ڪيا ويا آهن ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ سڪيورٽي ڪيمرائون لڳائي مانيٽرنگ شروع ڪئي وئي آهي،
ٻئي طرف عزادار حسين جي طبي امداد لاءِ طبي ڪئمپ لڳائيون ويون آهن ڪربلا جي 9 ڊالن ۽ 9 تلوارن واري تاريخي تعزيو اڄ رات دير سان درگاه مور شاهه ڏول پاڪ کان ڪڍيو ويندو ۽ چند ڪلاڪ بعد منڍو خبڙ وٽ رکيو ويندو ۽ 9 محرم تي منڍو خبر مان ٻيھر کڻي ڪربلا جي ميدان ۾ رکيو ويندو. جتان 10 محرم تي منجھند ڌاري کڻي شھيدن جي قبرستان ۾ نھر ڪيو ويندو.
جُولاءِ 26, 2023