دادو : چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي برسات جي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ سرگرم
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ چار ڏينهن کان هلندڙ تيز برسات سبب سڄي شهر ۾ پاڻي بيٺل کي نيڪال ڪرڻ ۾ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو،
چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پيردانش علي دادو شھر ۾ ماتمي روٽن جو دورو ڪيو، سيد خادم حسين شاه، سيد مدد حسين شاه صفائي جي بهترين ڊسيپلين ۽ مون سون جي برسات جي پاڻي کي جلدي نيڪال ڪرائڻ تي ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين جي محنت کي ساراهيو ۽ چيو ته تاريخ ۾ پهريون بيرو ايترو جلدي شھر مان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آھي،
ملاح چونڪ، نيو چونڪ، چاندني چونڪ، ايس پي چونڪ، مڇي مارڪيٽ، ڌمالي چونڪ ۽ ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي ويو ھيٺائين وارن علائقن تي پاڻي نيڪال جو ڪم هلي رهيو آھي
چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي جي محنت پهريو بيرو ايترو جلدي دادو شهر مان پاڻي نيڪال ٿيڻ تي شھرين ساراهيو آهي.
جُولاءِ 26, 2023