ٽنڊو ڄام، شھر برسات جي پاڻي حوالي، صوبائي وزير شرجيل انعام نوٽيس ورتو
ٽنڊوڄام (رپورٽ: واجد علي چانڊيو) ٽنڊو ڄام شهر سميت ڀرپاسي ۾ رڪارڊ برسات ،ٽنڊو ڄام شهر جي دڪانن گهرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو ،پ پ پ اڳواڻ راول شرجيل انعام ميمڻ جي بارش شروع ٿيندي ئي ٽنڊو ڄام ،مير پاڙو ،مين سيوريج ،ڄام گهر ،ڄام بنگلو ،لياقت ٽائون ،مير ڪالوني سخي وهاب ،ڳوٺ سلطان مگسي ،ٽنڊو قيصر ،حسين خان ٺوڙهو ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٽنڊو فضل جي ٻين علائقن جو صبح تائين دورا شهرن ۽ علائقن مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ،راهوڪي شاخ کي ٻن هنڌن تان گهارو ،راول شرجيل انعام ميمڻ نوٺيس ورتو ،اسسٽنٽ ڪمشنر ،آبپاشي عملي پهچي گهارا بند ڪرايا،شهر ۾ تمام گهڻي بارش ٿي آهي ،ان
هوندي به ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو ڄام ۽ ٽنڊو حيدر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد ٻهراڙي جي ڪوششن سان شهر مان پاڻي 24 ڪلاڪن کان اڳ نيڪال ٿيو ،راول شرجيل انعام ميمڻ .رپورٽ موجب ٽنڊو ڄام شهر سميت ڀرپاسي ۾ رڪارڊ برسات ٿي آهي،برسات بعد ٽنڊو ڄام شهر جي دڪانن گهرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو،
جنهن بعد پ پ پ اڳواڻ راول شرجيل انعام ميمڻ هلندڙ بارش ۾ٽنڊو ڄام شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو جنهن ۾ مير پاڙو ،مين سيوريج ،ڄام گهر ،ڄام بنگلو ،لياقت ٽائون ،مير ڪالوني سخي وهاب ،ڳوٺ سلطان مگسي ،ٽنڊو قيصر ،حسين خان ٺوڙهو ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٽنڊو حيدر جي ٻين علائقن جو صبح تائين اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد ٻهراڙي حتف سيال ،ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٽنڊو ڄام جو چيئرمين بدر ميمڻ ،وائيس چيئرمن سيد شفقت شاھ ،۽ ٻين سان گڏجي راول شرجيل انعام ميمڻ ٽنڊو ڄام ۽ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٽنڊو فضل جي علائقن جا دورا ڪيا ،
دوري دوران مختلف علائقن ۾ بيٺل پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ،هوڏان راهوڪي شاخ کي ٻن هنڌن تان گهارو پئجي پڻ پئجي ويا راهوڪي شاخ کي گهارا پوڻ بعد ،راول شرجيل انعام ميمڻ نوٺيس ورتو ۽عملي کي فوري طور گھارا بند ڪرڻ ڪرڻ جي هدايتن ڪئي ،اسسٽنٽ ڪمشنر ،آبپاشي عملي پهچي گهارا بند ڪرايا ٽنڊو ڄام ۽ٽنڊو فضل ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي راول شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بارش شروع ٿيندي ئي رات جو 3 وڳي کان نڪتل آهيون
هن چيو ته ڪوشش آهي ته صبح ٿيڻ کان اڳ شهرن ۾ ييٺل پاڻي نيڪال ٿي وڃي ،پر برسات تمام گهڻي ٿي آهي ،پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ ڪجهه ٽائيم لڳندو پر 24 ڪلاڪن کان اڳ پاڻي نيڪال ٿي ويندو ،هن چيو ته پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ عملي کي سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي .
جُولاءِ 25, 2023