مورو ۾ ڇهين محرم جو ماتمي جلوس بر آمد، ياحسين ياحسين جون صداؤن بلند
(مورو رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) مورو ۾ ڇهين محرم جو ماتمي جلوس بر آمد ياحسين ياحسين جون صداؤن بلند، مورو جي مرڪزي امام بارگاھ حسيني مان غازي عباس عليه السلام جي علم پاڪ ۽ ذوالجناح ساڻ انجمن حسیني جي اڳواڻن سيد شبير علي شاهه ڊاڪٽر سجاد حيدر شاھ، جاويد مصطفي ڪانڌڙو ڪاشف علي ٻرڙو ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ سيد آفاق حيدر شاھ شير علي ساٽي غلام سرور سرهيو سيد گلڻ شاھ لياقت علي سرهيو شوڪت علي سرهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس بر آمد ڪيو ويو
جيڪو پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو درگاھ بخاري پهتو جتي هزارين مومنين مغربين جي نماز ادا ڪئي بعد ۾ جلوس شاهي بازار چوڪ پهتو جٿي مجلس عزا برپا ڪئي وئي جنهن کي علامه سائين بخش مناظري خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا ۾ امام حسين عليه السلام پنهنجي اهل و عيال ساڻ قرباني ڏئي دين اسلام کي بقا بخشي ۽ اسلام کي زنده جاويد بڻائي ڇڏيو اهو ئي سبب آهي
جو شھداءِ ڪربلا حضرت امام حُسين ۽ سندس ساٿين جي ڏنل لازوال قربانين تي اڄ هر اک آلي آهي بعد ۾ ماتمي جلوس امام بارگاھ حسيني مورو پهتو ۽ سيد شبير علي شاهه جي طرفان مومنين کي نياز کارايو ويو، جڏهن ته جلوس جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ جو بندوبست ڪيو ويو هو
جُولاءِ 25, 2023