ملير : گلشن حديد ۾ غير قانوني لوڊشيڊنگ خلاف رهواسي سراپا احتجاج بڻيل
ملير (ڊر ) گلشن حديد ۾ غير قانوني لوڊشيڊنگ خلاف رهواسي سراپا احتجاج بڻيل، ڪي اليڪٽرڪ آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، سخت نعريبازي، هڪ هفتي ڪي اليڪٽرڪ جي ناجائزي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، سڀ لاتعلق بڻجي ويا آهن
ڪنهن کي دانهن ڏيون ، 100 سيڪڙو بل ڏيڻ باوجود سڄي گلشن حديد مان صرف آيل 14 مارڪيٽ جي 3 گهٽين کي نشانو ن ٻڻائي پيو وڃي سخت گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ 8_8 ڪلاڪ بجلي بند ڪري عذاب ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي، رهواسي تفصيل موجب گلشن حديد ۾ غير قانوني لوڊشيڊنگ خلاف رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن
ڪالھ رهواسين ڪاشف بهائي، شير محمد، سفير شاھ، رضوان ڪاڪيپوٽو، وقاص ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آيل 14 مارڪيٽ کان ڪي اليڪٽرڪ آفيس پهچي مک گيٽ اڳيان حتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، غير قانوني لوڊشيڊنگ بند ڪيو، ناجائزي بند ڪيو جھڙا نعرا هڻي رهيا هئا،
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جوڳي موڙ ڪي اليڪٽرڪ آفيس، يوسي چيئرمين جي گهر ۽ ٻين مختلف فورم تي مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون لکت ۾ به لاڳاپيل آفيسرن کي دوخواست به جمع ڪرائي آهي پر سڀ لاتعلق بڻجي ويا آهن
ڪو به ٻڌڻ ۽ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي 100 سيڪڙو بل ڏيڻ باوجود سڄي گلشن حديد مان صرف 3 گهٽين کي نشانو ن ٻڻائي پيو وڃي جتي 4 سال کان پاڻي بند آهي ٻورينگ جو پاڻي استعمال ڪري رهيا آهيون
رات جو گئس مڪمل طور بند ڪئي ويندي آهي ۽ هاڻي 10 ڏينهن کان سخت گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ 8_8 ڪلاڪ بجلي بند ڪري عذاب ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي هن چيو ته مسئلو حل نه ڪيو ويو ته قومي شاھراھ تي ڌرڻو هڻنداسين.
جُولاءِ 25, 2023