لاڙڪاڻو: سي ايم سي ۽ ايس ايم بي بي يونيورسٽي جا شاگرد انتظاميا جي تشدد جو شڪار

Spread the love

لاڙڪاڻو ( بيوروچيف:  عبدالوحيد  ابڙو) لاڙڪاڻو  شاگردن جا مٿا ڦاڙي پوءِ انهن کي يونيورسٽيءَ مان ئي بي دخل ڪيو ويو، نه انڪوائري، نه انتظاميه جي اهڙي عمل تي ڪو ڪيس داخل ٿيو،

 نه يونيورسٽي انتظاميه ڪا انڪوائري ڪئي بس ڊائريڪٽ شاگرد سسپينڊ؟ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو انتظاميه جو عملو شاگردن کي سهولتون ڏيڻ کان ڪن لاٽار ڪرڻ لڳو. تفصيل موجب ذريعن کان معلوم ٿيو آهي

 ته MBBS فرسٽ ايئر جا شاگرد جڏهن هاسٽل اندر پکي، لائيٽ ۽ کٽ جو مسئلو کڻي هاسٽل پرووسٽ وٽ ويا ته ڪلارڪن ۽ شاگردن وچ ۾ ٿوري هاٿاپائي ٿي.

 شاگردن جي بيعزتي ٿي تنهن باوجود هنن ايڊمن بلاڪ ٻاهران پرامن احتجاج ڪيو تنهن تي به عملي ڪو ايڪشن ته نه کنيو ويتر سڄي عملي ملي ڪري شاگردن جا مٿا ڦاڙي ڇڏيا.

شاگردن جا مٿا ڦاڙي وري انهن ئي شاگردن کي يونيورسٽيءَ مان ئي بيدخل ڪيو ويو. هي آهي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽي جتي مستقبل جا ڊاڪٽر پاڻ تشدد جو نشانو بڻجي ساڳي اسپتال منتقل پيا ٿين.

جُولاءِ 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو