سيوھڻ: گرمي ۾ واپڊا انتظاميا جون من مستيون، شھري پريشان

Spread the love

سيوھڻ )رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي پراڻي واپڊا آفيس جي سامھون وارو ٽرانسفارمر ھڪ دفعو ٻيھر سڙي ويو ،  جڏھن ت ذريعن کان معلوم ٿيو آھي

تھ سڙيل ٽرانسفارمر تي لوڊ گھڻو ھئڻ ڪري سڙي ويو آھي ،جڏھن ت ان علائقي جي عوام کي ھن گرمي جي موسم ۾ واپڊا سيوھڻ انتظاميه تمام گھڻو پريشان ڪري ڇڏيو آھي،

جڏھن ت مٿي ڏسيل علائقي جو ٽرانسفارمر گذريل  ڏينھن کان خراب ٿيل آھي، پر ان جي مرمت ڪرائڻ لاء واپڊا انتظاميه سيوھڻ ڪوب تحرڪ ن ورتو آھي،

جڏھن ت ان علائقي جو عوام ۽ ان علائقي ۾ ڪاروبار ڪندڙ عوام سخت پريشان نظر اچي رھيو آھي ،جڏھن ت ان علائقي ۾ واپڊا انتظاميه سيوھڻ جي پراڻي آفيس پڻ آھي، پر گذريل ڏينھن کان سڙيل ٽرانسفارمر کي ن ٺھرايو ويو آھي،

سيوھڻ  شھر جي وپڊا انتظاميه جي نااھلي ۽ ان ٽرانسفارمر جي لائن   تي مقرر ٿيل لائن مين جي لاپرواهي جي ڪري ٽرانسفارمر سڙي ويو آھي ، جڏھن ت لائن مين ھن خراب ٿيل ٽرانسفارمر تي ڪوب توجھ ن ڏيئي رھيو آھي،

سيوھڻ جي ان علائقي جي رھواسين ۽ ڪاروبار ڪندڙن حيسڪو چيف حيدرآباد ايگزيڪيٽو انجنيئر ڪوٽڙي ڊويزن جن کان مطالبو ڪري رھيا آھن ت خدارا اسان جي علائقي جو خراب ٿيل ٽرانسفارمر جلد کان جلد ٺھرايو وڃي ۽ ان علائقي جي عوام کي ۽ ڪاروبار ڪندڙن دوڪاندارن کي پريشان ٿيئڻ کان بچايو وڃي.

جُولاءِ 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو