دادو: ڏنگڙي موڙ تائين روڊ جي بحالي نھ ٿيڻ خلاف علائقي واسين جو احتجاج
دادو (رپورٽ :سرور جلال سولنگي) يوسي ڪمال جي 40 کان وڌيڪ ڳوٺن خدا بخش سولنگي ,ميرڻ سولنگي، مرزا چنه، حاجي ڀلارو ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين پراوشنل هاءِ وي جي انجنيئر ايس ڊي او ۽ ڪرپٽ ٺيڪيدارن خلاف ڀان روڊ چنجاڻي ڳوٺ کان ڏنگڙي موڙ تائين روڊ جي بحالي نھ ٿيڻ تي سوين ڳوٺاڻن منظور احمد سولنگي صدر آبادگار اتحاد ,احمد خان سولنگي, ڪائونسلر سراج احمد سولنگي, لياقت علي چنه , پيارو مغل ,اشرف علي خاصخيلي ۽ ٻين,جي اڳواڻي ۾ احتجاجي لانگ مارچ ڪندي ڏنگڙي موڙ ڀان روڊ تي سوين متاثرينن ڌرڻو هڻي پ پ جي چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقع تي اڳواڻن ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته 2022 جي ٻوڏ دوران ٽٽل ڀان روڊ اڃاتائين تعمير ناهي ٿي سگهيو
برسات دوران رستو نه هئڻ ڪري اچ وڃ ۾ وڏيون ڏکيائون اچي رهيون آھن بيمار ماڻھن جي علاج لاءِ ڪابه سواري نٿي اچي ڪافي عورتون مرد معصوم ٻار بغير علاج جي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا آھن
هنن چيو ته ووٽن وٺڻ مھل چونڊيل نمائنده ڳوٺن ۾ ڀڳا بيٺا آھن هاڻ تڪليفن ۾ غائب آھن هنن چيو ته ڀان روڊ نالي ۾ آ باقي مڪمل ٽٽل آھي ڪابه سواري برسات دوران ڪلاڪن جا ڪلاڪ چنجاڻي موري کان ڏنگڙي موڙ وٽ گپ چڪ هئڻ ڪري پنجن منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو رستا درست نه هئڻ ڪري منافي خور واپارين کاڌ خوراڪ جون شيون مهانگي اگه تي وڪرو ڪري عوام جو رت چوسي رھيا آھن
هنن چيو ته ڀان روڊ کي لڳل گهارا اڃاتائين ٻڌجي ناهن سگهيا پراوشنل انجنيئر، ايس ڊي او ۽ ڪرپٽ ٺيڪيدارن جي ملي ڀڳت سان ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪري فنڊ استعمال ڪرڻ بجاء روڊ تي مٽي وجهي فرار ٿي ويا آھن هنن چيو ته راشي عملدارن جي مقرري سبب هزارين رهواسي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون
ڪوبه دانهن ٻڌڻ وارو ناهي ڳوٺن تائين رستن جي سهولت نه هئڻ ڪري لاچار ۽ بيمار ماڻھن کي ڪلهن کڻي جوهي بعد ٻين اسپتالن ۾ پهچايون ٿا آخر ۾ ھنن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس , وزير اعلي سنڌ , لاڳاپيل صوبائي وزير ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ايمر جنسي بنيادن تي جوهي ڀان روڊ چنجاڻي موري کان ڏنگڙي موڙ تائين گريول وجهي رستو بحال ڪري ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ هزارين متاثرين رهواسي ڊي دي دادو ۽ پراوشنل هاءِ وي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين.
جُولاءِ 25, 2023