دادو: ٺل سميت ٽي سئو ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا،  هزارين ماڻهون ڦاٿل

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي )  دادو جي کيرٿر جابلو پٽي تي برساتن سبب نئين گاج ندي ۽ ٻيون نئيون وهي اچڻ ڪري 300 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زميني رابطو ضلعي هيڊ ڪوارٽر دادو، جوهي،ڀان سيد آباد شهرن سان ڪٽجي ويو آهي، سوين خاندان  پاڻي ۾ ڦاٿل ، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائنده غائب ٿي ويا،

ڇني شهر سميت ڳوٺ ساوڙو ، ڳوٺ حاجي جمن مدير ، ڳوٺ علي نواز روڌناڻي، ڳوٺ ڀٽو خان، ڳوٺ حاجي لعل بخش خاصخيلي، ڳوٺ ڦوٽو خان، ڳوٺ سجاول آلکاڻي، ڳوٺ ساوڙو، ڳوٺ ٺل سميت ٽي سئو ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن،

 هزارين ماڻهون ڦاٿل آهن ، ڳوٺاڻن جون دانهون گونجڻ لڳيون آهن، ڇني، حاجي خان ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين شمن، احمد خان کوسو، رجب لغاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته نئين گاج وهڻ سبب هزارين خاندان پاڻي ۾ ڦاٿل آهن ، کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب ڳوٺاڻا معصوم ٻارڙا پيرسن بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن،

ڪاڇي جا چونڊيل نمائنده پنهنجي بنگلن تائين محدود آهن، اليڪشن دوران ووٽ وٺي غائب ٿي ويا آهن ، ڳوٺاڻا عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،

پ پ جا ووٽر آهيون پر افسوس نااهل ڪرپٽ چونڊيل نمائنده سار لهڻ لاءِ تيار نه آهن، چونڊيل نمائنده ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف آهن،  پاڻي کان ڪراس ڪرڻ لاءِ سرڪاري ٻيڙيون نه هجڻ ڪري پرائيويٽ ٻيڙين وارا ٻوڏ متاثرن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن ،

 متاثر ڳوٺاڻن جون دانهون ڪوڪون جاري، پاڻي مان گذرڻ دوران ٻيڙين وارا موٽر سائيڪل جو 300 ۽ ماڻهن کان 250 روپيا وصول ڪري رهيا آهن، جيڪا هتان جي غريب عوام سان وڏي زيادتي آهي،

جُولاءِ 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو